Friday , April 26 2024

هوسڙي پوليس جوڪارنامو، حراست ۾ ورتل نوجوان پوليس تشدد سبب فوت، آءِ جي سنڌ خاموش

حيدرآباد( خاص نمائندوسنڌسماءَچار) هوسڙي پوليس پاران موبائل چوري جي الزام هيٺ آيل نوجوان جي عيوضي ۾ حراست ۾ ورتل سندس ڀاءُ تي بي رحماڻو تشدد ڪري مرڻينگ حالت ڦٽو ڪيو، جيڪو اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو. واقعي تي آءِ جي سنڌ الهه ڏنو خواجا ڪو به نوٽيس نه ورتو. مبينا طور تي چوري ٿي ويل موبائل فون جي جي ڪيس ۾، هوسڙي پوليس الزام هيٺ آيل چور جي هٿ نه اچڻ تي سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو هو. هوسڙير پوليس حراست ۾ ورتل نوجوان ڌرمون ڪڇي ٻن ڏين هن تائين پنهنجي حراست ۾ رکي مٿس تشدد ڪندي رهي. وارثن جو چوڻ آهي ته، هنن ڌرمون جي بيگناهي بابت پوليس کي ٻڌايو ۽ موبائل فون جي چوري واري الزام جي به ترديد ڪندا رهيا پر پوليس سندن هڪ به نه ٻڌي. سندن چوڻ هو ته، پوليس ڌرمون کي 20 هزار رپيان جي رشسوت عيوض آزاد ڪرڻ جو وعدو ڪيو. فوتي ڌرمون جي وارثن موجب پوليس رشوت وٺڻ کان 2 ڏينهن پوءِ کيس گهر ٻاهران اڇلائي ڀڄي ويا، جتي هُو بيهوشي واري حالت ۾ پيل هو. ڌرمون جي وارثن جو چوڻ آهي ته، هنن ڌرمون کي بيهوشي واري حالت ۾ ويجهي لال بتي اسپتال پهچايو، پر سندس ويهڪ واري جاءِ مان مسلسل رت اچ سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو.

هنن چيو ته پوليس ڌرمون تي انسانيت کي لڄائيندڙ تشدد ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ئي هُو فوت ٿي ويو آهي. هنن چيو ته دانهڻ باوجود آءِ  جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدر آباد سندن دانهن ٻڌاڻ لاءِ تيار ناهن. نوجوان جي وارثن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽ احمد علي شيخ کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اڻڌري جاچ ڪرائي کين انصاف ڏياريو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *