Saturday , April 27 2024

هوسڙي مان پراسرار نموني گم ٿيل 3 ورهين جي نياڻي جو تشدد ٿيل لاش هٿ، جوابدار گرفتار نه ٿيو

حيدرآباد(سنڌسماءَچارنيوز) حيدر آباد جي هوسڙي واري علائقي مان 3 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل 5  ورهين جي نياڻي جو تشدد ٿيل لاش مليو آهي، وارثن شڪ ظاهر ڪيو آهي ته نياڻي کي جنسي ڏاڍائي بعد تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي. هوسڙي ويجھو ڳوٺ مراد ڪليري جي رهواسڻ ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل 5 سالن جي نينگري جو لاش هٿ آيو آهي، اطلاع بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ حيدرآباد اسپتال منقتل ڪيو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد نياڻي جو مڙهه وارثن جي حوالي ڪيو ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته 5 ورهين جي عظميٰ ڪليري جو پڃاري واهه ويجھو مٽيءَ ۾ پوريل لاش هٿ آيو. اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي نينگري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو. ابتدائي رپورٽ موجب نينگري جو ڳلو ڪپيل ۽ جسم تي تشدد جا نشان آهن.

نينگري جي وارثن جو چوڻ آهي ته 3 ڏينهن اڳ عظميٰ گھر ٻاهران راند ڪري رهي هئي ته، پراسرار نموني گم ٿي وئي، جنهن جي ڳولا ڪئي پر ڪو به پتو نه پئجي سگھيو هو.  ھنن چيو ته نينگري جو اڄ پڃاري واهه ويجھو مٽيءَ ۾ پوريل لاش هٿ آيو آهي. پوليس موجب نينگري جي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد واقعي جي جاچ ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *