Friday , April 26 2024

نيشنل بئنڪ ۾ 40 ارب رپين جي ڪرپشن، اڳوڻي صدر آصف بروهي تي فرد جرم لاڳو

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ۽ ان معرفت 63 ڪمپنين ۾ 40 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ بئنڪ جي اڳوڻي صدر آصف بروهي سوڌو 6 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو، احتساب عدالت شاهدن کي طلب ڪري ورتو. ڪراچي جي احتساب عدالت  نيشنل بئنڪ سميت 63 ڪمپنين ۾ 40 ارب روپين جي ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي  دوران نيشنل بئنڪ جي اڳوڻي صدر سميت 6 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. احتساب عدالت  ۾ نيشنل بئنڪ سميت 63 ڪمپنين ۾ 40 ارب روپين جي ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي وئي.  عدالت نيشنل بئنڪ جي اڳوڻي صدر آصف بروهي سميت 6 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. جوابدارن پاران ڏوهه مڃڻ کان انڪارڪيو ويو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي. ريفرنس ۾ ڄاڻايل ٻين جوابدارن ۾ خانگي ڪمپني جو مالڪ احمد همايون شيخ، عابد امين، نيشنل بئنڪ جو اڳوڻو سينئر وائيس پريزيڊنٽ نوشيروان ۽ نديم انور شامل آهن، جڏهن ته اڳوڻو سينئر وائيس پريزيڊنٽ رفيق بنگالي روپوش آهي. نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته، ٽرانسپرنسي انٽرنيشل جي درخواست تي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. جوابدارن نيشنل بئنڪ سميت 63 مالياتي ادارن کي 40 ارب روپين کان وڌيڪ نقصان پهچايو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *