Friday , April 26 2024

نيب سنڌ ۾ ڪرپشن ڪيسز جون انڪوائريز ۽ جاچ وارو عمل جاري رکي:سنڌ هاءِ ڪورٽ – نيب قانون ختم ڪرڻ جي معاملي جو جائزو وٺون پيا- اي جي سنڌ ضمير گهمرو

ڪراچي (اصغر آزاد سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪوريٽ نيب کي سنڌ اندر ڪرپشن ڪيسز / معاملن جي جاچ ۽ انڪوائريز جاري رکڻ جي اجازت ڏين دي وفاقي سرڪار کان نيب قانون ۾ تبديلن بابات رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سنڌ سرڪار جي نمائندي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ضمير گهرو چيو آهي ته نيب قانون جي خاتمي واري معاملي تي ڪميٽي جوڙي درخواست گذارن جي خدشن جو جائزو ورتو پيو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٽي رڪني لارجر بئنچ سنڌ ۾ نيب آرڊيننس کي ختم ڪرڻ واري بل خلاف داخل ڪيل مسلم ليگ فنڪشنل جي نصرت سحر عباسي ۽ شهريار مهر، ايس يو پي جي زين شاهه، تحريڪ  هڪ جهڙين ڌار ڌار درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايڊوورڪيٽ جنرل سنڌ ضمير گهمري چيو ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بل جو جائزو وٺڻ جي لاءِ قانون واري صوبائي وزير جي سربراهي ۾ هڪ ڪاميٽي ٺاهي ڇڏي آهي. جيڪا اپوزيشن جا اعتراض ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، مسودي جو جائزو ورتو پيو وڃي، ان کانپوءِ ئي ڪو فيصلو ڪيو ويندو، هن چيو ته ڪاميٽي 6 هفتن ۾ ڪم مڪمل ڪندي ان ڪري مهلت ڏني وڃي. چيف جسٽس احمد علي شيخ ايڊيشنل اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي پڇاڻو ڪيو ته وفاق جو ان معاملي تي ڪهڙو موقف آهي. جنهن جواب لاءِ مهلت گهري، عدالت وفاق کي جواب داخل ڪري جي مهلت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جڏهن ته عدالت عبوري حڪم برقرار رکندي نيب کي پنهنجو ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ نيب بل کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. ٻڌڻي کان پوءِ ايس يو پي جي زين شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي عدالت تي يقين آهي ته اها بهتر فيصلو ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *