Saturday , April 27 2024

نئين سال جون واڌايون …. پر مهانگائي سان گڏ

اسلام آباد (سنڌ سماءَ چار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي سرڪار عوام کي نئين سال جون واڌايون ڏيندي پيٽروليم شين جا اگهه وڌائي نئين سال جي تحفي طور ڏني آهي، پيٽروليم شين جي قيمت ۾ تبديلي ڪندي سال جي پهرئين ڏينهن ئي پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا 6 پئسا في ليٽر اضافي جو اعلان ڪيو آهي. پيٽرول جي نئين قيمت 81 رپيا 53 پئسا في ليٽر هوندي. پيٽروليم اسمن جي قيمتن ۾ تبديلي جو اعلان ناڻي واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل ڇنڇر ڏينهن هتي پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. ناڻي واري صلاحڪار چيو ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل 3 رپيا 96 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل 6 رپيا 25 پئسا في ليٽر مهانگو، جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 6 رپيا 79 پئسا في ليٽر اضافي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 89 رپيا 91 پئسا في ليٽر، لائيٽ ڊيزل جي قيمت 58 رپيا 37 پئسا في ليٽر جڏهن ته گاسليٽ جي نئين قيمت 64 رپيا 32 پئسا في ليٽر هوندي. مفتاح اسماعيل چيو ته پيٽروليم اسمن جي نين قيمتن تي عمل آچر تي رات جو 12 وڳي کان ٿيندو. هن چيو ته پيٽروليم تي سيلز ٽيڪس ۾ ڪا تبديلي نه ٿيندي. هن چيو ته وزيراعظم اوگرا جي سفارش تي قيمتن ۾ ڦير ڦار جي منظوري ڏني آهي. هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم اسمن جون قيمتون وڌي رهيون آهن جڏهن ته پاڪستان ۾ بنگلاديش، ڀارت ۽ ترڪي جي ڀيٽ ۾ پيٽرول جي قيمت سڀني کان گهٽ آهي. نئين اعلان کان اڳ پيٽرول جي قيمت 77 رپيا 47 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 85 رپيا 95 پئسا، لائيٽ ڊيزل جي 52 رپيا 12 پئسا ۽ گاسليٽ جي قيمت 57 رپيا 51 پئسا هئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *