Friday , April 26 2024

لاڙڪاڻي مان گم ٿيل ٻارڙي کي ٻه هفتا گذري ويا، پوليس جي ڪن تي جونءَ نه چُري

لاڙڪاڻو( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) شهر جي وڪيل ڪالوني واري علائقي مان ٻه هفتا اڳ گم ٿي ويل 8 ورهين جو فرمان شابراڻي اڃا تائين هٿ نه اچي سگهيو آهي، وارثن ۽ علائقي واسين پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته،  پوليس ان بابت ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار آهي. لاڙڪاڻي مان گم ٿيل ٻارڙو 14 ڏينهن گذرڻ باوجود هٿ اچي نه سگهيو، جنهن ڪري وارث پريشان آهن ۽ علائقي ۾ ڊڄ وارو ماحول ڇانيل آهي. نينگر جي وارثن ۽ شهرين محمد صالح شابراڻي، نعيم شابراڻي، احمد حسين جتوئي، توفيق عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن چيو ته فرمان شابراڻي گهر ٻاهران راند کيڏي رهيو هو ته گم ٿي ويو. هنن چيو ته نينگر جي پاڙي ۽ سڄي ڪالوني ۾ ڳولا ڪرڻ باوجود هٿ نه آيو ته وڪيل ڪالوني ۽ شهر ۾ پڙها ڏياريا ويا پر هٿ نه آيو. فرمان شابراڻي جي وارثن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته، نينگر نه ملڻ جي فري بعد حد جي سچل ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي پر پوليس ڪو به مثبت جواب نه ڏنو ۽ بار بار شڪايتن باوجود تدارڪ نه ڪيو. هنن چيو ته پوليس ٻه هفتا گذرڻ باوجود سکڻا دلاسا ڏيڻ کانسواءِ نينگر جي ڳولا لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو.  هنن چيو ته اسان کي شڪ آهي ته نينگر کي اغوا ڪيو ويو آهي، ٿاڻي تي روزانو دانهون کڻي وڃون ٿا پر ڪڏهن ايس ايڇ او موجود نه ٿو هجي ته ڪڏهن ڊيوٽي انچارج موڪل تي هوندو آهي. گم ٿي ويل 8 ورهين جي نينگر فرمان شابراڻي جي وارثن ۽ شهرين آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪري کيس هٿ ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *