Tuesday , March 19 2024

قطري شهزاد پاران سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل خط سچو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش، بند ٿيل مني ايڪسچينج کان رسيدون وٺڻ لاءِ سرگرم:خابرو ادارو

Qatri prince letter 1

قطري شهزاد پاران سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل خط سچو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش، بند ٿيل مني ايڪسچينج کان رسيدون وٺڻ لاءِ سرگرم:خابرو ادارو

پاڪستان جي هڪ خابرو اداري آن لائن جي ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته قطري شهزادي حماد بن جاسم جي آءِ ٽي کي پنهنجي خط جي حوالي سان جواب ڏيڻ جي لاءِ قطرجي هڪ بند مني ايڪسچينج ڪمپني کان جعلي رسيدون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته انهي حوالي سان دبئي جي هڪ مني ايڪسچينج ڪمپني سان ڳالهيون به جاري آهن.

قطري شهزادي حماد بن جاسم جعلي رسيدن جي تياري ان وقت شروع ڪئي هئي، جڏهن ان کي ٻڌايو ويو ته پاناما ڪيس جي تحقيقات ڪرڻ واري جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم وڌيڪ جاچ لاءِ قطر وڃڻ جو ارادو رکي ٿي ۽ ان مقصد جي لاءِ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار سان رابطو به ڪيو ويو آهي. ڀروسي جوڳن ذريعن ٻڌايو ته قطري شهزادي شريف فيملي جي غيرقانوني دولت کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ لکيل خط کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ قطر جي هڪ اهڙي مني ايڪسچينج ڪمپني سان رابطو ڪيو آهي، جنهن کي بند ٿئي ڪيترائي سال گذري چڪا آهن پر قطري شهزادي ان ڪمپني جي مالڪ کي 1996ع کان اڳ جون رسيدون ۽ مهرون فراهم ڪرڻ جي لاءِ چيوآهي ته جيئن جڏهن جي آءِ ٽي جاچ شروع ڪري ته ان جي سامهون بند مني ايڪسچينج ڪمپني جون مبينا جعلي رسيدون رکي سگهجن.

پراڻين تاريخن ۾ بند پيل هڪ مني ايڪسچينج  سان رابطا ڪرڻ شروع ڪيا ويا آهن. اهڙي طرح قطري شهزادي دبئي جي هڪ مني ايڪسچينج ڪمپني سان به رابطو ڪيو آهي ته جيئن گلف اسٽيل ملز جي وڪري کانپوءِ رقم جي قطر منتقلي کي جعلي رسيدن جي ذريعي ثابت ڪري سگهجي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *