Friday , April 26 2024

عمران خان صوفي ۽ آصف زرداري حاجي آهي:عابد شير علي

اسلام آباد (رپورٽر سنڌسماءَچار) ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ مملڪتي وزيرعابد شيرعلي چيو آهي ته عمران خان هڪ ڪتي کي پاليندو آهي ته ٻئي کي ڪڍي ڇڏيندو آهي، مان کير جو ڌوتل ناهيان. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، عوام اليڪشن ۾ صوفي عمران خان ۽ حاجي آصف علي زرداري کي حڪمران ڏسڻ چاهي ٿو ته اسان کي ڪو به اعتراض ناهي. هن چيو ته شرجيل انعام ميمڻ ۽ ڊاڪٽر عاصم سميت ڪير به کير جو ڌوتل ناهي. آئون پاڻ به صادق ۽ امين ناهيان. عابد شير علي چيو ته صوفي امين عمران ۽ حاجي آصف زرداري جيترا آهن.  عمران هڪ ڪتي کي ڪڍندو آهي ۽ ٻئي کي پاليندو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عزير بلوچ جي جي آءِ ٽي کي فارغ ڪيو ويو. سنڌ ۾ وڃو ته چڱو ڀلو ماڻهو به بيمار ٿي ويندو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ نابالغ حڪومت آهي. نواز شريف کي دهشتگردي ۽ لوڊشيڊنگ جي خاتمي جي سزا ملي رهي آهي. جيڪڏهن عوام کي نواز شريف کي پسند ناهي ته اسان کي رد ڪري ڇڏي. زرداري جي ڪرپشن جا ڪيس نيب وٽ موجود آهن.  شرجيل ميمڻ ۽ ڊاڪتر عاصم کير جا ڌوتل ناهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *