Friday , April 26 2024

شرجيل ميمڻ ۽ سندس ٽن ملازمن خلاف اسپتال جي ڪمري مان شراب هٿ اچڻ جو ڪيس داخل

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڇنڇر ڏينهن صبح جو چيف جسٽس پاران ضياءَ الدين اسپتال ۾ داخل ايم پي اي شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب جون بوتلون هٿ اچڻ جو ڪيس، شرجيل ميمڻ ۽ سندس ٽن ملازمن خلاف بوٽ بيسن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. جيل مان علاج خاطر پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين جي ضياءَ الدين اسپتال ۾ داخل اڳوڻي صوبائي وزير ۽ هاڻوڪي ايم پي اي شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب جون بوتلون هٿ اچڻ جي ايف آءِ  آر، سينٽرل جيل جي، سپريٽنڊينٽ مجاهد خان جي فرياد تي ڪلفٽن جي بوٽ بيسن ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي. ايف آءِ آرنمبر 398/2018  ۾ چيو ويو آهي ته، ”نيب ريفرنس ۾ گرفتار جوابدار شرجيل انعام ميمڻ ضياءَ الدين اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل هو، جنهن ڪمري ۾ شرجيل ميمڻ کي داخل ڪيو ويو هو ان کي گهرو کاتي جي هڪ نوٽيفڪيشن تحت سب جيل قرار ڏنو ويو هو“ .

ايف آءِ آر ۾ فريادي مجاهد خان جو چوڻ آهي ته، ” اڄ ( پهرين سيپٽمبر 2018) ڇنڇر ڏينهن معلوم ٿيو ته، سب جيل قرار ڏنل ڪمري ۾ غيرقانوني سرگرميون هلندڙ آهن. صبح جو لڳ ڀڳ ساڍي نائين وڳي ڪمري داخل ٿيس ته محسوس ڪيو ته اتي شراب نوشي ڪئي وڃي ٿي“. ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ چيوم ويو آهي ته، ” ڪمري ۾ موجود ٻن ملازمن ٻه بوتلون ڪڍي ڏيکاريون، جن مان هڪ ۾ شراب ۽ ٻئي ۾ ماکي پيل محسوس ٿي آهي، ملزمن جو ڏوهه منشيات آرڊيننس جي شق 4 لاڳو ٿئي ٿو“. ايف آءِ آر ۾ شرجيل ميمڻ ۽ سندس ٽن ملازمن کي ملزم ڄاڻايو ويو آهي، جن مان ٻن ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي ڪراچي ڏکڻ جو چوڻ آهي ته، شرجيل ميمڻ جي ڪمري جيڪو سب جيل هو مان هٿ آيل شراب واريون بوتلون فرانزڪ رپورٽ لاءِ اماڻيون ويون آهن.

شرجيل ميمڻ ڊاڪٽر عاصم حسين کي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *