سکر(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سکر جي هڙتالي ڊاڪٽرن ساڳئي ڪٽنب جي وڌيڪ هڪ ٻارڙي کان حياتي کسي ماءَ جي جهولي خالي ڪري ڇڏي، سڄي سنڌ ۾ ڊاڪٽرز جي هڙتال مريضن جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، هڙتال سبب سکر جي سول اسپتال ۾ داخل ڇهن مهينن جو ٻارڙو حياتي وڃائي ويٺو، وارثن جو چوڻ آهي ته هڪ سال به سکر جي اسپتال ۾ سندن هڪ ٻارڙو ڊاڪٽرن جي هڙتال دوران علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو هو. سنڌ ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ هڙتال تي ويل سرڪاري ڊاڪٽرز سکر ۾ هڪ معصوم نينگر غلام مرتضيٰ کان زندگي کسي ورتي آهي. فوتي ٻارڙي جي والد ميڊيا کي ٻڌايو ته، ڊاڪٽرن انساني ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن. منهنجي 6 مهينن جي پٽ غلام مرتضيٰ کي تيز بخار هو، جنهن ايمرجنسي ۾ سکر اسپتال ۾ آندو. هن چيو ته ڊاڪٽرن کي ايلاز منٿون ڪندا رهياسين پر هنن پٽ جو علاج نه ڪيو ۽ علاج نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ سندس ڇهن مهينن جو معصوم پٽ فوت ٿي ويو. هن ٻڌايو ته، هڪ سال اڳ به سندس معصوم پٽ جي طبعيت خراب ٿي هئي، جنهن کي ساڳئي اسپتال ۾ داخل ڪرايو هو، پر انهن ڏينهن ۾ به ڊاڪٽر هڙتال تي هئا. هن ٻڌايو ته سال اڳ به ڊاڪٽرن منٿن باوجود پٽ جو علاج نه ڪيو هو ۽ اهو به زندگي جي جنگ هارائي ويو هو. ٻارڙي جي والد سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس آصف سعيد کوسا ۽ سنڌ ها3 ڪورٽ جو چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ نوٽيس وٺي سکر اسپتال جي ايم ايس سميت سمورن ڊاڪٽرز خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏيارين.
Check Also
سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري
ٺٽو ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …