Friday , April 26 2024

سپريم ڪورٽ پاران اهم فيصلو ٻڌائڻ جو امڪان، سنڌ ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت صوبي ۾ اڄ اربع ڏينهن صوبي اندر سيڪيورٽي هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، عدالتن ۽ اهم جاين سميت سيڪيورٽي سخت ڪرڻ بابت گهرو کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. سنڌ حڪومت جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل هڪ نوٽيفڪشن ۾ صوبي اندر هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. سن ڌ جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل ليٽر/نوٽيفڪيشن نمبر؛ SO (LE-II) HD.Misc-2018 – ايس او (ايل اِي II) ايڇ ڊي – ايم آءِ ايس سي / 2018 ؛ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، ” اڄ 31 هين آڪٽوبر 2018- اربع ڏينهن، هڪ اهم ڪيس بابت عدالتي فيصلو ٻڌائڻ جو امڪان آهي. اهڙي فيصلي سان صوبي ۾ ڪا به گڙٻڙ ۽ امن امان جي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي. ان ڪري اهڙي معاملي جي حساسيت سبب ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي يا نقصان کان بچڻ لاءِ، عدالتن، عام ماڻهن نجي هجوم وارين جاين، اهم ماڳن، سرڪاري عمارتن، مسجدن، امام بارگاهن ۽ مارڪيٽن؛ خاص طور تي اقليتي برادري جي عبادت گاهن ۽ انهن جي رهائشي علائقن ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪري پوليس ۽ رين رجز جو پهنرو وڌايو وڃي، جيئن ڪنهن به نقصان يا اڻوڻندڙ واقعي کان بچي سگهجي، ان لاءِ اهڙي سفارش ڪئي پئي وڃي“.

ان سلسلي ۾ ذرريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اڄ 31 هين آڪٽوبر، ارب ڏينهن صبح جو 10 وڳي ڌاري، آسيه بي بي جي ڪيس ۾ سندس اپيل تي فيصلو ٻڌايو ويندو. اهڙي فيصلي بابت سپريم ڪورٽ پاران 31 هين آڪٽوبر جي جاري ڪيل ڪاز لسٽ  به جاري ڪئي وئي آهي.

هي به اهم خبر پڙهي سگهو ٿا، لنڪ تي ڪلڪ ڪيو

مراد علي شاهه، صبغت الله شاهه (پيرپاڳارو)، شوڪت عزيز، بابر غوري،سراج دراني،پرويز خٽڪ سميت 71 ڄڻن خلاف ڪرپشن جي جاچ جاري

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *