Friday , April 26 2024

سنڌ جي گورنر نيب قانون جي خاتمي واري بل تي صحيح ڪرڻ بنا واپس ڪري ڇڏيو

NAB logosindh assembly

نيب جي وفاقي قانون 1999 جي سنڌ مان خاتمي لاءِ سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪيل بل سنڌ جي گورنرمحمد زبير صحيح ڪرڻ بدران 10 ڏينهن تائين پاڻ وٽ رکي نيٺ اهو چئي واپس ڪري ڇڏيو آهي ته، ” ڪرپشن هڪ اهم ۽ قومي معاملو آهي، انڪري نيب قانون کي صوبي مان ختم  نه ٿو ڪري سگهجي“. ذريعن جو چوڻ آهي ته گورنر محمد زبير بل وٽس پهچڻ بعد اسلام آباد روانو ٿي ويو هو، جتي کيس ان سلسلي ۾ پارٽي قيادت سان صلاح ڪرڻي هئي. قانون واري صوبائي وزير ضياءَ لنجار چيو آهي ته گورنر نيب قانون جي خاتمي واري بل تي صحيح ناهي ڪئي هاڻي سنڌ اسيمبلي ئي فيصلو ڪندي.

سنڌ هائوس اسلام آباد جي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب، گورنر محم زبير وزيراعظم نواز شريف، اسحاق ڊار ۽ قانون واري وفاقي وزير سان ملاقات ڪري معاملي بابت سندن مرضي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر، گورنر جي ڪنهن سان به ملاقات نه ٿي سگهي آهي. ذريعن جي دعويٰ موجب سنڌ جي گورنر محمد زبير کي اهو نياپو ڪرايو ويو آهي ته، في الحال سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي ڪنهن به مامري ۾ پوڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي، جيستائين پارٽي قيادت سڌي ريت کيس / محمد زبير کي هدايت نه ٿي ڏئي.

ٻئي طرف گورنر محمد زبير سنڌ اسيمبلي مان منظوور ٿيل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت قائم ٿيل بجلي گهرن کي سنڌ حڪومت پاران مالي مدد ڪرڻ / سبسڊي ڏيڻ واري بل تي به صحيح ناهي ڪئي، جيڪو به سي ايم هائوس ۽ اسپيڪر آفيس کي واپس ڪيو ويو آهي.

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *