Friday , April 26 2024

سنڌ جو تعليم کاتو ڪرپشن ۾ گوءِ کڻي ويو….!!

ڪراچي (سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ سرڪار ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته، تعليم کاتو سمورن صوبائي کاتن کان اڳڀرو آهي، اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين علم الدين بلو چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي مان نيب جي خاتمي واري منظور ڪيل بل ۾ ترميم ڪرڻ جو فيصلو ڪندي نيب کي سنڌ ۾ ڪاررواين جي اجازت ڏيڻ واري ترميم منظور ڪرائي ويندي.  هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳلاهائيندي اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين علم الدين بلو چيو ته سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن تعليم کاتي ۾ آهي، ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرز خلاف ڪارروائين ڪيون پيون وڃن.

هن چيو ته سنڌ اسيمبلي مان نيب جي خاتمي واري منظور ڪيل بل ۾ ترميم آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، بل  سنڌ اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو.  هن چيو ته بل ۾ ترميم سان  سنڌ ۾ نيب کي ڪارروايون ڪرڻ جي اجازت ملي ويندي، جنهن کانپوءِ نيب آزاداڻي نموني ڪم ڪري سگهندو. هن وڌيڪ چيو ته اينٽي ڪرپشن جي ڪرپٽ آفيسرز خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي ۽ ڪرپشن جي الزامن هيٺ ڪيترائي آفيسر معطل ڪيا ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *