Tuesday , March 19 2024

سرڪاري ڪڻڪ جون 1700 ٻوريون چوري ٿيڻ کان بچي ويون

حيدر آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) خوراڪ کاتي جي ٽيم هالا ويجهو ڪارروائي ڪري سرڪاري ڪڻڪ جي وڪرو ڪيل ڪڻڪ سان ڀريل 6 ٽرڪون پڪڙي 6 جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. خوراڪ کاتي سانگهڙ جي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر منور آرائين جي سربراهي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري سرڪاري ڪڻڪ سان ڀريل 6 ٽرڪون هٿ ڪري ورتيون. ڊي ايف سي منور آرائين جو چوڻ آهي ته، سرهاڙي فوڊ گودام جي انچارج امتياز مگسي ڪڻڪ جون 1700 ٻوريون غير قانوني طريقي سان وڪرو ڪري ڇڏيون هيون، جنهن جو اطلاع ملڻ بعد هالا باءِ پاس وٽ ڪارروائي ڪئي. ڊي ايف سي جو چوڻ آهي ته، 1700 ٻورين سان ڀريل 6 ٽڪرون هٿ ڪري ٽرڪن جي 6 ڊرائيورن کي به پڪڙيو آهي. هن چيو ته وڪرو ڪيل ڪڻڪ ڪراچي منتقل ڪئي پئي وئي. سرهاڙي خوراڪ کاتي جو گودام انچارج امتياز مگسي خلاف سرڪاري ڪڻڪ غير قانوني طريقي سان وڪرو ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، کيس جلد گرفتار ڪري وٺنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *