Friday , April 26 2024

زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ وڏو ڏوهه آهي: وزيراعظم نوازشريف

PM Holy1

وزيراعظم نواز شريف ڪراچي ۾ بنا رنگن واري هولي تقريب ۾ شرڪت ڪري تقريب کي خطاب به ڪيو، هندو برادري جي اميرن سان هولي جي نالي ۾ ٿيل تقريب ۾ شريڪ ٿو. ڪراچي جي هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۾ ن ليگ سنڌ اقليتي ونگ پاران ٿيل تقريب ۾ وزيراعظ۾ ميان نوازشريف وفاقي وزيرن ۽ نواز ليگ سنڌ جي اڳواڻن سان گڏ شريڪ ٿيو.

هولي تقريب ۾ ميان نوازشريف هولي جو نالي ۾ ٿيل قتريب ۾ رنگ جي هڪ لڪير به نه لڳائي ۽ نه ئي ن ليگ اقليتي ونگ جي اتي موجود اڳواڻ رنگ هنيو.

ان موقعي تيوزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته، ڪنهن جو به زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ وڏو ڏوهه آهي، جنت ۽ دوزخ جو فيصلو ڪرڻ اسان جو ڪم نه آهي، ڪراچي ۾ هولي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سڀ خدا جي مخلوق آهيون، ڪوئي خدا ۽ ڪوئي ايشور چوي ٿو.

وزيراعظم نوازشريف ڪراچي جي هڪ نجي هوٽل ۾ هولي جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته، مذهب جي بنياد تي ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ دين جي تشريح ٺيڪ نه ڪري رهيا آهن.

وزيراعظم چيو ته، جنت ۽ دوزخ جو فيصلو ڪرڻ اسان جو ڪم نه آهي، سڀ خدا جي مخلوق آهيون، ڪوئي خدا چوي ٿو ته ۽ وري ايشور چوي ٿو، ڪنهن جو به مذهب زبردستي تبديل ڪرائڻ هڪ وڏو گناهه آهي.

هولي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته، وفاقي سرڪار سڄي ملڪ ۾ مندرن، گردوارن ۽ ڪليسائن سميت سمورين عبادتگاهن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ تي عمل ڪري رهي آهي.

نوازشريف جو چوڻ هو ته، پاڪستان جي عوام ڪڏهن به نفرت جي سياست پسند ناهي ڪيو، جن به نفرتن جي سياست ڪئي عوام انهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

هولي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته وفاقي حڪومت ٻين صوبن جيان سنڌ ۾ به ترقياتي منصوبا شروع ڪري ڇڏيا آهن، ڪراچي – حيدرآباد موٽروي جي منصوبي جو وڏو حصو مڪمل ٿي ويو آهي، ان جي رهيل حصي تي به تيزي سان ڪم هلي رهيو آهي جيڪو هلندڙ سال مڪمل ڪيو ويندو.

سکر کان حيدرآباد تائين موٽروي جو منصوبو به 2019 تائين مڪمل ڪيو ويندو، جنهن بعد ڪراچي کان سکر ۽ سکر کان رحيم يارخان تائين سنڌ ۽ پنجاب موٽروي رستي پاڻ ۾ ڳنڍجي ويندا ۽ عوام کي سفر جو سهولتون مهيا ٿي سگهنديون.

وزيراعظم چيو ته ڪراچي شهر ۾ به وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪراچي ۾ گرين لائين ۽ ڪراچي سڪيولر ريلوي سميت مختلف ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي.

وزيراعظم اعلان ڪيو ته پنجاب جيان هاڻي ڪراچي ۽ بعد ۾ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به هيلٿ ڪارڊ جاري ڪيا ويندا، ڪراچي ۾ هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري منصوبي تي جلد عمل ڪيو ويندو.

sham sunder1

وزيراعظم چيو ته ن ليگ جي وفاق ۾ حڪومت قائم ٿيڻ کان اڳ ڪراچي بي امني جي باهه ۾ سڙي رهيو هو.

ٽارگيٽ ڪلنگز، ڀتاخوري ۽ اجاين احتجاجن جيڪري معشيت تباهه ٿي وئي هئي، پر اسان حڪومت سنڀاليندي ئي 2013 ۾ آپريشن ڪري امن امان قائم ڪرايو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *