Saturday , April 27 2024

جي سنڌي چوي ٿو ته سندس مادري ٻولي سنڌي آهي ته غدار سڏيو وڃي ٿو: رضا رباني

 Raza Rabai 2

سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته، بلوچستان ۾ رياستي جبر جي نتيجي ۾ بلوچي زبان نه ٿي ڳالهائي وڃي، جيڪڏهن سنڌي چوي ٿو ته منهنجي مادري ٻولي سنڌي آهي ته کيس غدار سڏيو وڃي ٿو، آءُ سينيٽ جي چيئرمين واري سيٽ تي ويهي به بيوس ۽ قيد بڻيل آهيان،

ڪراچي ۾ پنهنجي ڪتاب “ انوائيز ايبل ” جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو ته، سماج ۾ بک، بدحالي ۽ پريشاني ڏسي منجهيل آهيان، منهنجي ثقافت صوبائي  ثقافت آهي.

سينيٽ چيئرمين چيو ته آمر ضياءُ الحق شاگرد يونين تي پابندي لڳرائي، پڙهيل لکيل نوجوانن کي يونيورسٽين مان تڙي ڪڍي اتي انتهاپسندي جو ٻج ڇٽيو ويو، جنهن فصل اڄ اسان جا ڪنڌ لڻي رهيو آهي. ضياءَ جي پوکيل انتهاپسندي واري سوچ جو ئي ڪارڻ آهي جو اڄ  يونيورسٽين مان فيض احمد فيض، جالب ۽  اياز جهڙا ڪردار پيدا  ٿيڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.

رضا رباني چيو ته بلوچستان ۾ رياستي جبر جي ڪري بلوچي نه ٿي ڳالهائي وڃي ۽ جيڪڏهن سنڌي چوي ٿو ته منهنجي مادري زبان سنڌي آهي ته کيس غدار سڏيو وڃي ٿو.

sindhi alphabate1balochi

هن چيو ته  بنگالين جي ٻوليءَ کان ڪالهه انڪار ڪيو ويو، ان ڪري مزاحمت پيدا ٿئي ٿي، ٻٽي معيار کي جيستائين ختم نه ڪبو اڳتي وڌي نه سگهنداسين.

هن چيو ته  جيڪڏهن صوبائي   ثقافت کي تسليم نه ڪبو ته پاڪستاني ثقافت ڪيئن پنهنجا پير پختا ڪري سگهندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *