Saturday , April 27 2024

تبديلي پسندن جو قافلو ڀوتارن کي لوڙهي ڇڏيندو: علي قاضي

گهوٽڪي ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) تبديلي پسند پارٽي جي سرواڻ علي قاضي چيو آهي ته جڏهن سنڌ جا لکين ماڻهو گڏجي هڪ فيصلو ڪندا ته ماڻهن جي ان ٻوڏ ۾ ڀوتارڪا بند ٽٽي پوندا، 3 مهينن کان پوءِ ٿيندڙ اليڪشن ۾ ووٽ پنهنجي ٻچن جي مستقبل ۽ سنڌ ماءُ لاءِ ڏيڻ گهرجي. گهوٽڪي ۾ اڳوڻي جج عبدالوهاب عباسي طرفان ڏنل آجياڻي، مغل ڪلهوڙي پاڙي ۽ ڳوٺ مسو ڪلوڙ ۾ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڪاري ڪامڻ ۽ ٻيون مختلف بيماريون وبائي صورت اختيار ڪري ويون آهن، ڇا اسان اڃا ڪنهن معجزي جي انتظار ۾ آهيون ته ڀوتار اهي مسئلا حل ڪندا؟علي قاضي جو چوڻ هو ته، مونکي اميد ناهي ته ڀوتار عوام جا مسئلا حل ڪندا، اسان کي هن مرض جو علاج پاڻ ڪرڻو پوندو، جيڪو علاج ووٽ جي پرچي آهي، ان لاءِ تبديلي پسند پارٽي ٺهي چڪي آهي، هي پارٽي علي قاضي ڊرائنگ روم ۾ ويهي نه ٺاهي آهي، پر سنڌ جي هزارين ماڻهن 8 اپريل تي حيدرآباد ۾ گڏ ٿي کليل ميدان ۾ ٺاهي آهي. سندس چوڻ هو ته اهو اجايو وهم آهي ته ڀوتارن کي ووٽ نه ڏينداسين ته ماري ڇڏيندا، هارائڻ بعد صوبيدار به سندن فون نه کڻندو ته انهن کان ڪهڙو خوف ڪجي.هن چيو ته، لاڙڪاڻي ۾ نينگري صائمه جروار، هوسڙي ۽ اوٻاوڙي سميت ٻين شهرن ۾ ٻارڙن سان پيش آيل واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن آئنده ڪو ڪڌو عمل نه ڪري سگهي، اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن سرڪار وٽ ماءُ جيتري دل هجي، پر ڀوتارڪي سرڪار وٽ نه دل آهي نه ئي رحم آهي. هن وڌيڪ چيو ته تبديلي پسند پارٽي  جي پليٽ فارم تان اهڙي سرڪار آڻينداسين جنهن ۾ معياري تعليم ۽ علاج ميسر هجي، فصلن جا مناسب اگهه، امن ۽ انصاف برابري جي بنيادن تي هجي، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي هجي، پر اهو سڀ سنڌ کي ووٽ ڏيڻ سان ئي ٿيندو. ان موقعي تي عبدالوهاب عباسي، ميان عبدالرحيم ڀارو، شاهه جهان پنهيار، ڊاڪٽر شمس الدين ڪلوڙ، علي شير مهر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *