Saturday , April 27 2024

باپ پارٽي پي ٽي آءِ جي حمايت، عمران خان ڄام ڪمال جي بلوچستان جي وڏي وزير حمايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) بلوچستان ۾ چونڊون کٽندڙ بلوچستان عوامي پارٽي(باپ) بي اي پي مرڪز ۽ صوبي ۾ پي ٽي آءِ سان اتحاد جو اعلان ڪري ڇڏيو، بي اي پي اڳواڻ ڄام ڪمال خان کي بلوچستان جو وڏو وزير نامزد ڪرڻ تي اتفاق، ڄام ڪمال چيو ته وفاق ۾ تحريڪ انصاف کانسواءِ ٻي ڪنهن به جماعت سان گڏ نه ٿا هلي سگهون، ميڊيا کي بريفنگ دوران جهانگير ترين ۽ شاهه محمود قريشي گڏ نظر آيا، پرويز خٽڪ چيو ته ڪي پي جو وڏو وزير نامزد ڪرڻ تي ڪي به اختلاف نه آهن، عمران جيڪو فيصلو ڪندو قبول هوندو.تحريڪ انصاف ۽ بِي اَي پي بلوچستان ۾ گڏيل حڪومت ٺاهڻ تي اتفاق ڪندي وَڏ وزارت لاءِ ڄام ڪمال کي نامزد ڪري ڇڏيو، ڄام ڪمال چيو آهي ته بي اي پي وفاق ۾ غير مشروط طور تحريڪ انصاف جِي مڪمل حمايت ڪندي. بلوچستان عوامي پارٽي جي وفد ڄام ڪمال جي سربراهي ۾ بني گالا پهچي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران بلوچستان ۾ حڪومت جي قيام جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات بعد پي ٽي آءِ اڳواڻن سان گڏ ميڊيان ڳالهائيندي ڄام ڪمال چيو ته تحريڪ انصاف جِي حمايت سان بلوچستان ۾ بي اَي پي سادي اڪثريت کان به وڌيڪ پوزيشن ۾ اچي وئي آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف سان گڏجي بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهي ويندي، عمران خان سان ملاقات بعد تمام سٺو پيغام کڻي بلوچستان وڃي رهيا آهيون. ڄام ڪمال چيو ته پي اي بي وفاق ۾ ۽ تحريڪ انصاف بلوچستان ۾ هڪٻئي جي مدد ڪندي، بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ ڪو طريقيڪار جوڙيو ويندو. ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻن جهانگير ترين ۽ شاهه محمود قريشي بلوچستان جِي وڏ وزارت لاءِ بي اَي پي جَي ڄام ڪمال جِي حمايت جو اعلان ڪيو. هنن چيو ته بلوچستان جي وڏ وزارت تي بي اَي پي جو حق آهي، کيس صوبائي اسيمبلي ۾ 31 ميمبرن جي حمايت حاصل ٿي وئي آهي.

عمران خان سان آزاد اميدوارن جي ملاقات، پي ٽي آءِ ۾ شامل

پنجاب اسيمبلي جي آزاد اميدوارن پاران تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، اڄ وڌيڪ ٽن آزاد اميدوارن عمران خان سان ملاقات بعد تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي، جهانگير ترين چيو آهي ته پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل ميمبرن جو انگ حاصل ڪري ورتو آهي. وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ تحريڪ انصاف طرفان جهانگير ترين آزاد اميدوارن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي. اڄ وڌيڪ ٽن آزاد ايم پي ايز شوڪت لاليڪا،  اجمل چيما ۽ محمد عمر فاروق بني گالا ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران معاملا طئي ٿيڻ بعد ٽنهي آزاد اميدوارن تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو باضابطا اعلان ڪيو. پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آزاد اميدوارن جو تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي. سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل حمايت حاصل ٿي وئي آهي، قومي اسيمبلي جا 10 کان 11 آزاد ميمبر به جلد شامل ٿي ويندا

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *