Friday , April 26 2024

اسان کي اذيتن جي زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي: علي قاضي

ميرپور خاص( خاص نمائندو    سنڌ سماءَ چار) تبديلي پسند پارٽي جي سرواڻ علي قاضي چيو آهي ته جنهن اذيت ڀري زندگي گهارڻ لاءِ اسان کي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مجبور ڪيو ويو آهي، ماڻهو ان مان جند ڇڏائڻ چاهين ٿا، سنڌ جي وستي واهڻ ۾ هاڻي رڳو تبديلي جي ڳالهه نظر اچي رهي آهي، ڪروڙين سنڌ واسي گڏجي پون ته تبديلي اڻٽر آهي. ميرپور خاص ويجهو ڳوٺ خانصاحب محمد حسن مري ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي تبديلي پسندن جي سرواڻ علي قاضي چيو ته اسان هڪ اهڙي تبديلي چاهيون ٿا، جنهن ۾ سرڪاري اسپتال اندر ڪروڙ پتي ۽ غريب جي ٻار لاءِ هڪجهڙي سهولت هجي ۽ اسڪول ۾ امير ۽ غريب جا ٻار گڏجي تعليم پرائن.

هن چيو ته جيڪڏهن ماڻهن ايندڙ اليڪشن ۾ پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪيو ته پوءِ آبادگارن، هارين ۽ عوام کي پنهنجي حقن لاءِ ڪڏهن به ڌرڻا هڻڻ جي ضرورت نه پوندي. علي قاضي چيو ته سرڪار حڪم ڏئي ٿي ته ڪمند جو في مڻ اگهه 172 رپيا ڏنو وڃي، پر شگر ملز جا مالڪ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، پوءِ اهڙي حڪومت مان عوام کي ڪهڙو فائدو آهي. تبديلي پسندن جي سرواڻ چيو ته ڪمند جي اگهه بعد ڪڻڪ جو فصل لهندو ته بارداڻي جون شڪايتون اينديون، جنهن بابت آبادگار اڳواٽ ئي خدشا ظاهر ڪري رهيا آهن. علي قاضي چيو ته مسئلا حل ڪرڻ عدالتن يا ميڊيا جو ڪم نه پر حڪمرانن جي ذميواري آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان مسئلن جي بدمست ڍڳي کي سڱن کان جهلي دسيون ۽ تبديلي لاءِ هڪٻئي سان گڏجي وڃون. هن چيو ته اسان رڳو ان بحث ۾ هوندا آهيون ته هن ڀيري ڪهڙي ڀوتار کي ٽڪيٽ ڏني ويندي، جڏهن ته اسان وٽ اها سوچ هجڻ گهرجي ته هن ڀيري اسان پاڻ مان ڪهڙي ماڻهو کي ٿا اليڪشن ۾ بيهاريون ۽ ووٽ ڏئي ڪامياب ڪريون. عوامي ميڙاڪي کي خان صاحب محبوب مري، قاضي انور، ڪنول سولنگي، راشد مري، مسعود وساڻ، مير اعجاز ٽالپر ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *