Friday , April 26 2024

24 کان 27 مارچ، اسلام آباد ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن تاريخي دنگل

وزيراعظم عمران خان 27 مارچ ۽ پي ڊي ايم 24 مارچ تي اسلام آباد ۾ سياسي طاقت جو اعلان ڪري ڇڏيو، 10 لک ماڻهو گڏ ڪرڻ جو اعلان

مولانا فضل الرحمان ڪارڪن 23 مارچ تي سڄي ملڪ مان اسلام آباد پهچڻ جي هدايت، بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو چتاءُ

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان 27 مارچ ۽ پي ڊي ايم 24 مارچ تي اسلام آباد ۾ سياسي طاقت جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزيراعظم چيو آهي ته 10 لک ماڻهو گڏ ڪنداسين، مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪارڪن 23 مارچ تي سڄي ملڪ مان اسلام آباد پهچن، ڌرڻو ڪيترا ڏينهن هلندو اهو بعد ۾ ٻڌائينداسين.  پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو ته، چور پنهن جا ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ گڏ ٿي ويا آهن، اپوزيشن وار ڪجهه به ڪن پر هنن جي بي اعتمادي رٿ ناڪام ويندي. وزيراعظم اعلان ڪيو ته پارليامينٽ جو مٿس اعتماد آهي هاڻي 27 مارچ تي اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي عوامي جلسو ڪنداسين ۽ 10 لک ماڻهو گڏ ڪري مان عوام کي اعتماد ۾ وٺندس. وزيراعظم جلسي جي تياري ۽ ڪارڪنن کي اسلام آباد پهچائڻ جي ذميواري اسد عمر ۽ سينيٽر فيصل جاويد جي حوالي ڪئي آهي.

وزيراعظم عمران خان پاران جلسي جي اعلان کانپوءِ اپوزيشن اڳواڻن جو هنگامي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ آصف زرداري سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان اعلان ڪيو ته اڳ طئه ڪيل مارچ هر حالت ۾ ٿيندو، هاڻي 23 مارچ تي سڄي ملڪ مان ڪارڪن اسلام آباد ڏانهن اچن، حڪومت  اسان جي ڪارڪنن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته نتيجن جي ذميوار حڪومت هوندي. مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت کي پڪ ٿي وئي آهي ته سندن انگ پورو ناهي، انڪري جلسن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. پي ڊي ايم سربراهه پيپلزپارٽي، اي اين پي سميت پي ڊي ايم  ۾ شامل ۽ پي ڊي ايم کان ٻاهر جي جماعتن کي مارچ جي دعوت ڏيندي چيو ته بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ تائين ڌرڻو جاري رهندو، دنيا ڏسندي ته اسان جو ڌرڻو ملڪي تاريخ جو وڏوي ۾ وڏو جلسو ٿيندو. هن چيو ته حڪومت اسان جي ايم اين ايز کي اسلام آباد ۽ پارليامينٽ لاجز اچڻ جي اجازت نه ڏئي رهي آهي، عمران خان تڪرار ۽ ٽڪراءَ جو رستو اختيار ڪري چڪو آهي، جيڪڏهن  حڪومت ائين ڪندي ته اسان به خاموش نه ويهنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *