Friday , April 26 2024

ڳڙهي خيرو ۾ بيگاري ڪئنال کي گهارو، سوين ايڪڙ فصل ٻڏي ويو

آبپاشي جي روايتي لاپرواهي سوين ايڪڙ فصل ٻوڙي ڇڏيو، متاثرن جي ڪنهن به سار نه لڌي

جيڪب آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) جيڪب آباد جي ڳڙهي خيرو واري علائقي ۾ ڳڙهي خيرو ڀرسان بيگاري ڪينال کي گهرو پوڻ سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، ڪيترن ئي گهرن ۾ به پاڻي ڪاهي پيو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته آبپاشي عملي جي لاپرواهي سبب لڳل 20 فوٽ گهارو وڌي سئو فوٽ ٿي ويو. ڳڙهي خيري جي ڳوٺ نوريز لھر وٽان بيگاري ڪينال کي پهريان ويهه فوٽ گهارو پيو جيڪو وڌي سئو فوٽ ٿي ويو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته گهري لڳڻ شرط آبپاشي کاتي وارن کي اطلاع ڪيو پر لاپرواهي ڪندي اُهي ڪيترائي ڪلاڪ دير سان پهتا، ڳوٺاڻن پاران گهارو ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اُهو وڌي 100 فوٽ ٿي ويا.گهاري جي نتيجي ۾ ڀرپاسي سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل پاڻيءَ هيٺ اچي ويو. ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي چيو آهي ته آبپاشي عملي کي نااهليءَ ۽ سستي جي نتيجي ۾ سندن نقصان ٿيو آهي. ازالو ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *