Friday , April 26 2024

گلشن حديد وٽ ٽرالر جو سوزوڪي کي ٽڪر،3 پورهيت فوت

ٺٽي کان ڪراچي ٽماٽا کڻي ويندڙ سوزوڪي کي آئل ٽئنڪر ۾ ٽڪر، گهوڙاٻاري واسي 3 پورهيت فوت

ملير( رپورٽر   سنڌسماءَچار) قومي شاهراهه تي ٺٽي کان ڪراچي طرف ويندڙ سوزوڪي پڪ ۽ آئل ٽئنڪر وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٽي پورهيت ٿڏي تي فوت ٿي ويا، فوتين جو واسطو ٺٽي جي گهوڙاٻاري واري علائقي سان آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ٺٽي جي علائقي گهوڙا ٻاري کان ٽماٽا کڻي ايندڙ سوزوڪي پڪ اپ موڙ ڪاٽي رهي هئي ته آئل ٽئنڪر سوزوڪي سان ٽڪرائجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ياسين سوڍو، واحد سوڍو ۽ بلاول شاهه فوت ٿي ويا، فوتين جا مڙهه اسٽيل مل جي هنڊريڊ بيڊ اسپتال ۽ پوءِ پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال پهچايا ويا. اسٽيل ٽائون پوليس ٻئي گاڏيون تحويل ۾ وٺي ڇڏيون، جڏهن ته ٽينڪر ڊرائيور اڳواٽ ئي فرار ٿي ويو.

ديواني جي خواب جهڙو نماڻو عرض– اصغر آزاد

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *