Friday , April 26 2024

ڪنڌڪوٽ جي اوڏو ڍنڍ ۾ ٻيڙي اونڌي، 2 عرتون ٻڏي فوت

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪنڌڪوٽ ڀرسان اوڏو ڍنڍ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 عورتون ٻڏي فوت  ۽ 4 کان وڌيڪ ماڻهو بيهوش ٿي ويا. ڪنڌڪوٽ جي ڳوٺ بالاچ ڀنگوار ۾ لاباري کان واپس ايندي ڳوٺاڻن جي ٻيڙي اوڏو ڍنڍ ۾ اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 عورتون 50 ورهين جي حبيبان ڀنگوار ۽ 26 ورهين جي مڪه خاتون ٻڏي فوت ٿي ويون، جن جا لاش ڪڍيا ويا. ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 4 کان وڌيڪ ماڻهو بيهوش ٿي ويا. ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جو اطلاع ملڻ تي ڳوٺاڻن پهچي فوتي عورتن جا لاش ۽ بيهش ٿي ويل ماڻهن کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو. اسپتال ۾ بيهوش ماڻهن کي طبي امداد ڏني وئي، جڏهن قانوني ڪارروائي بعد فوتي عورتن جا مڙهه وارثن جي حوالي ڪيا ويا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *