Friday , April 26 2024

ڪرونا وائرس جي خطرناڪ صوررتحال، سنڌ ۾ سومر کان مڪمل لاڪ ڊائون جو فيصلو

سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج کان مدد گهري ورتي، وفاقي حڪومت خط

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌ سماءَچار) سنڌ ۾ ڪرونا وائرس خطرناڪ صوررتحال طرف وڌڻ کانپوءِ ان جي روڪٿام لاءِ صوبي ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ  حڪومت فوج کان مدد وٺڻ لاءِ وفاق سان رابطو ڪري ورتو آهي، ڊي جي رينجرز سان به رابطو. سنڌ جي وڏي  وزير سيد مرادد علي شاهه پاران ڪرونا ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۽ ان کانپوءِ سنڌ ڪابينا جي اهم ميمبرن، صحت کاتي جي اختيارين سان گڏجاڻي بعد ڪورڪمانڊر ڪراچي ۽ ڊي جي رينجرز سنڌ سان به رابطا ڪري صورتحال کان آگاهي ڏني ۽ انهن کان به معلومات حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ وڏي وزير سنڌ ۾ سومر 23 مارچ کان مڪمل لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو.

سنڌ ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت پاڪ فوج کان مددد وٺڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطو ڪري ورتو آهي، ان سلسسلي ۾ سنڌ جي گهرو کاتي وفاقي گهرو وزارت کي خط لکي آرٽيڪل 245 تحت پاڪ فوج کي سول انتظاميه جي مدد ڪرڻ جو چيو ويو آهي. سنڌ حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، لاڪ ڊائون کي ابتدائي طور ڪيترن ڏينهن جو هجي ان بابت اڄ / آچرجي شام جو يا رات جو دير تائين فيصلو ڪيو ويندو. لاڪ ڊائون دوران غير ضروري گهر کان ٻاهر نڪرڻ ۽ گاڏيون روڊن تي آڻڻ جي مڪمل طور تي پابندي هوندي، ڀڃڪڙي ڪندڙن کي گرفتار ڪري سگهبو، يا ورري 24 ڪلاڪن لاءِ حراست ۾ رکڻ بعد کين ڇڏيو ويندو.

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب پنهنجي ٽويٽ بيان ۾ چيو آهي ته، وڏي وزير، سنڌ جي گورنر، ڪور ڪمانڊر ڪراچي، ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي، سنڌ سرڪار جي سخت فيصلن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي خاطري ڪرائي آهي، هاڻي سخت فيصلن جو وقت اچي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهن گهرن کان ٻاهر نه ڪرڻ واري سرڪار جي اپيل تي عمل نه ڪيو. مرتضيٰ وهاب چيو ته سخت فيصلن دوران به ڪريانه اسٽور ۽ ميڊيڪل اسٽور کليل رکڻ بابت به فيصلا ڪيا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *