Saturday , April 27 2024

ڪراچي ۾ ڪرونا ڪيس ۾ واڌ، مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

ڪراچي (چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ڪرونا جي وبا جي مريضن ۾ ٻيهر واڌ کانپوءِ سنڌ حڪومت جي پريشاني به وڌي وئي آهي، ڪراچي جي اولهه ضلعي وڌيڪ متاثر علائقن ۾ مائڪرو-سمارٽ لاڪ ڊائون (مسلڊ) لاڳو ڪيو ويو آاهي، يو سي 8 طرف ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪري ٻين علائقن مان ايندڙ ويندڙ ماڻهن ۽ ٽريفڪ تي به پابندي مڙهي وئي آهي. وفاقي حڪومت جي نشاندهي کانپوءِ سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ڪروان جي ڪيسن ۾ ٻيهر واڌ تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪمشنر ڪراچي سميت ڊويزن جي سمورن ڊي سيز کي جوڳا قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي اولهه، ضلعي جي منگهوپير واري علائقي جي يونين ڪائونسل نمبر 8 ۾ ڪرونا جا وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مائڪرو-سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشڻ موجب علائقي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ، ٻين علائقن مان ڻهن جي اچڻ يا علائقي مان ٻاهرف وڃڻ تي پابندي هوندي، علائقي ۾ ميڊيڪل اسٽورز، سبزين ۽ سيڌي سامان جي دوڪانن کانسواءِ ٻيا سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهندا. علائقي واسي ڪنهن به ڪم ڪار سانگي ٻاهر نڪرڻ دوران ماسڪ پائڻ جا پابند هوندا، راندين، سياسي سماجي سرگرمين تي به پابندي هوندي، خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *