Friday , April 26 2024

ڄامشورو مان بااثر واپاري جي گهر مان سندس بورچي جو ڦاهو لڳل لاش هٿ

ڄامشورو(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) بااثر واپاري جي سِري واري گهر مان سندس بورچي جو ڦاهو لڳل لاش هٿ، وپاري پاران آپگهات جي دعويٰ علائقي ۾ بورچي جي قتل جا چوٻول، پوليس به معاملو دٻائڻ ۾ رڌل. ڄامشوري جي سِري واري علائقي ۾ بااثر واپاري ۽ پاڪستان هندو ڪائونسل جي اڳواڻ ڄيٺو مل جي گهر مان سندس بورچي عمر ڪوٽ واسي ٽيڪم چند جو پکي ۾ لڙڪيل لاش مليو آهي، لاش کي ڄامشورو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جيڪو آخري اطلاعن تائين اسپتال ۾ ئي پيل هو. گهر ڌڻين جو چوڻ آهي ته ٽيڪم چند ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي، جڏهن ته علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ٽيڪم چند کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش پکي ۾ ٽنگي آپگهات جو رنگ ڏنو پيو وڃي، ٻئي پاسي پوليس به اڃا تائين معاملي جي جاچ ناهي ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *