Saturday , April 27 2024

پي ٽي آءِ جي مقبوليت اڃا گهٽبي، ان ۾ به مورثي سياست مظبوط ٿي رهي آهي: ريحام خان

ڪراچي ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ناليواري ٽي وي اينڪر ۽ تحريڪ انصاف جي اڳوڻي گهر واري ريحام خان چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊن تائين پاڪستان تحريڪ انصاف جي مقبوليت ۾ اڃا وڌيڪ گهٽتائين ايندي، خاص طور تي خيبر پختونخواه ۾ وڏي پئماني تي نقصان ۾ ويندي. پنهنجي هڪ ٽويٽ ۾ ريحام خان چيو ته، چڪوال کانپوءِ لوڌران ۾ به تحريڪ انصاف کي شڪست ملي آهي، پهريون ڀيرو ڪا پارٽي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ئي مقبوليت وڃائي چڪي آهي. لوڌران جي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي عبرتناڪ شڪست ڏئي ڇڏي آهي.  پي ٽي آءِ به ٻين پارٽين جيان موروثي سياست جو آکاڙو بڻجي وئي آهي، جنهن جو ثبوت علي ترين کي ٽڪيٽ ڏيڻ آهي. هن چيو ته ڇا علي ترين جي چونڊن ۾ نواز شريف سازش ڪئي يا ريحام خان جو مشورو هو؟ سندس چوڻ هو ته ووٽرن توهان کي رد ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته توهان پنهنجي نظريي تان هٽي چڪا آهيو. تحريڪ انصاف هر شيءَ کي مريم نواز جي سازش قرار ڏئي رهي آهي. هاڻي بهانا ختم ڪيا وڃن، علي ترين کي ٽڪيٽ ڏئي ثابت ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ موروثي سياست آهي ۽ رهندي. ريحام خان چيو ته پي ٽي آءِ جي سمورن ووٽرن ۽ نظرياتي خامين تي کين رحم اچي رهيو آهي، جيڪي اهڙن موقعن تي ڪو جواب نه ٿا ڏئي سگهن، جڏهن اهي گهڻو وائڙا هوندا آهن ته مون جهڙن ماڻهن تي ئي حملا ڪندا آهن.  هن چيو ته اسٽيٽس ڪو خلاف ڳالهائيندڙ سمورين پارٽين جو گند کڻي پي ٽي آءِ ۾ جمع ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *