Friday , April 26 2024

اڳوڻي صدر آصف زرداري جي بااعتماد ساٿي ۽ ايم پي اي علي حسن زرداري خلاف پارٽي اندر ۽ ٻاهر ڇا پيو ٿئي؟

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) نيب پيپلزپارٽي جي ايم پي اي علي حسن زرداري خلاف ڪرپشن الزامن جي جاچ ڪندي، هيپاٽائيٽس پروگرام جي فنڊز ۾ ڪرپشن جي به جاچ جي منظوري ڏني وئي آهي. ٺٽي جي اڳوڻي ايس ايس ايس پي ڊائريڪٽر جنرل نيب ڊاڪٽر نجف قلي مرزا جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ۾ ڪرپشن جي مختلف انڪوائريز، انويسٽيگيشنز ۽ ريفرنسز تي غور ڪيو ويو ويو. نيب جي اجلاس ۾ ڪرپشن جي شڪايتن، انڪواريز سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 78 تان ڪامياب ٿيل ايم پي اي ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ويجهي ۽ بااعتماد ساٿي حاجي علي حسن زرداري خلاف ڪرپشن الزامن جي جاچ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، حاجي علي حسن زرداري تي بنيادي الزام آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو جو الزام آهي جن جي ڊائريڪٽر جنرل نيب انڪوائري کي جاچ ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب حاجي علي حسن زرداري خلاف آبپاشي کاتي ۾ ڪئنالز، واهن، شاخن جي کاٽي، واٽرڪورسز ۽ شاخن کي پڪو ڪرڻ جي ٺيڪن ۾ ڪرپشن جي الزامن جي به انڪوائري هلندڙ آهي، جنهن کي به جلد جاچ ۾ تبديل ڪيو ويندو.

آبپاشي کاتي جي هڪ ذميوار عملدار نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، حاجي علي حسن زرداري خلاف نيب جنهن ڪيس ۾ جاچ جي منظوري ڏني آهي ان ۾ پيپلزپارٽي جو هڪ ايم اين اي ۽ 3 ايم پي ايز معلومات مهيا ڪرڻ ۾ نيب جا سهولتڪار بڻيا آهن. هن ٻڌايو ته پ پ پ جا اُنهن چئني پارليامينٽيرينز  علي حسن زرداري خلاف واهن، شاخن ۽ وارٽر ڪورسز جي پڪي ڪرڻ، کاٽي ۽ مرمت وارن ٺيڪن ۾ ڪيل بيضابطگين ۽ فنڊن ۾ گهوٻين بابت ثبوت پڻ مهيا ڪيا آهن، جن جي آڌار تي نيب علي حسن زرداري خلاف پنهنجي ڪارروائي اڳتي وڌائي رهي آهي.

نيب جي اجلاس ۾ مجموعي طور تي ٻه ارب 86 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن ڪيسن جي انڪوائريز ۽ انويسٽيگيشنز ۽ ريفرنسز داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جنهن ٺٽي جي اڳوڻي ايس ايس پي محمد علي وساڻ خلاف 2011-2012 دوران پوليس کاتي ۾ ڀرتين واري ڪيس ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *