Friday , April 26 2024

پوسٽل بيلٽ پيپرز تي پ پ اميدوارن کي ووٽ ڏيارڻ جو الزام سيوهڻ ۽ کپرو جي اي آر اوز سميت 6 عملدار گرفتار

ڄامشور( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سيوهڻ ۽ کپرو ۾ پوسٽ بيلٽ پيپرز کولي انهن تي ٺپا هڻڻ وارن الزامن بعد چيف اليڪشن ڪمشنر ٻنهي علائقن جي اي آر اوز کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سيوهڻ پوليس پوسٽل بيلٽ پيپرز کولڻ جي الزام هيٺ ٻن استادن ۽ ٽن ڪلرڪس کي گرفتار ڪري ورتو، کپرو ۾ الزام هيٺ آيل هڪ ريڊر ۽ ڪلرڪ کي سانگهڙ بدلي ڪيو ويو، سيوهڻ ۾ پوسٽل بيلٽ پيپر کولي انهن تي ٺپا لڳائڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد چيف اليڪشن ڪمشنر نوٽيس ورتو.

چيف اليڪشن ڪمشنر سيوهڻ ۽ کپرو ۾ پوسٽل بيلٽ پيپرز کولڻ جو نوٽيس وٺندي ٻنهي علائقن جي اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسرز کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سيوهڻ پوليس ٽن ڪلارڪس ۽ ٻن استادن کي گرفتار ڪري ورتو، کپرو ۾ الزام هيٺ آيل ٻن ڄڻن کي سانگهڙ بدلي ڪيو ويو. سيوهڻ ۾ اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسر قربان علي ميمڻ جي آفيس ۾ پوسٽل بيلٽ پيپرز کوليا ويا، ايس يو پي، پي ٽي آءِ ۽ ٻين اڳواڻن الزامن هنيو ته اي آر او پوسٽل بيلٽ پيپرز جا لفافا کولي پ پ اميدوارن لاءِ ٺپا هنيا ويا. کپرو ۾ به اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسر محمد قاسم مري جِي آفيس ۾ به پوسٽل بيلٽ پيپرز کوليا ويا. ٻنهي هنڌن تي پوسٽل بيلٽ پيپرز کولي ٺپا لڳائڻ وارين خبر ۽ مختلف جماعتن جي الزامن بعد چيف اليڪشن ڪمشنر سختي سان معاملي جو نوٽيس ورتو.

اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب چيف اليڪشن ڪمشنر جي هدايت تي سيڪريٽري بابر يعقوب چيف سيڪريٽري سنڌ سان رابطو ڪيو ۽ سيوهڻ ۽ کپرو ۾ مقرر اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسرز جي گرفتاري جو حڪم ڏنو.چيف اليڪشن ڪمشنر پاران نوٽيس وٺڻ بعد سيوهڻ ۾ ٽن ڪلارڪس محمد صالح، عابد، وزير چنو ۽ ٻن استادن عزيز راهپوٽو ۽ غلام سرور سولنگي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، کپرو ۾ ساڳي الزام هيٺ هڪ ريڊر غلام مرتضيٰ ۽ ڪلارڪ منير احمد ٽالاڻي کي سانگهڙ بدلي ڪيو ويو.

عوام لاءِ تعليم، صحت ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪري ڏيڻ زندگي جو مقصد آهي: پي ايس 28 جو آزاد اميدوار نثار شر

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *