Friday , April 26 2024

پمز اسپتال اسلام آباد ڪرونا جي مريضن سان سٿجي وئي، آءِ سي يو ۾ داخلا بند

پمز اسپتال ۾ آڪسيجن جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو، شيڊيول موجب رٿيل آپريشن ملتوي، پمزا اسپتال انتظاميا جو وفاقي حڪومت کي خط

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ملڪ ۾ ڪرونا جي صورتحال تيزي سان خراب ٿيڻ لڳي، راڄڌاني اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ ڪرونا مريضن جو انگ وڌي ويو، هنگامي صورتحال لاڳو ڪرڻ جو امڪان، آءِ سي يو وارڊ ۾ وڌيڪ مريضن جي گنجائش ختم ٿي وئي. ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ڪرونا جي مريضن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، اسلام آباد جي سرڪاري توڙي نجي اسپتالن ۾ ڪرونا سٽيل مريض ڌڙاڌڙ داخل ٿيڻ جون  سلسلو جاري آهي. پمز اسپتال ۾ انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ مريضن جي گنجائش ختم ٿي وڃڻ ڪري وڌيڪ مريض داخل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ پمز اسپتال اسلام آباد جي انتظاميا صحت واري وزارت ۽ اسلام آباد جي مقامي انتظاميا کي خط لکي آگاهي ڏني آهي ته، ڪرونا جي مريضن جو انگ تيزي سان وڌڻ ۽ مريضن جي اسپتال ۾ داخل سبب آءِ سي يو وارڊ ۾ هاڻي وڌيڪممريضن کي داخل  ه ٿو ڪري سگهجي انڪري ان لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا وڃن، ڪرونا انهن مريضن جن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي يا فوري طور کين آڪسيجن / آءِ سي يو ۾ داخل ڪرڻ جي ضرورت آحي انهن کي ٻين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي. خط ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ڪرونا جي مريضن کي آڪسيجن مهيا ڪرڻ لاءِ شيڊيول موجب جيڪي آپريشن ڪرڻا هئا انهن مان ناتهائي ضروري آپريشنز کانسواءِ ٻيا سمورا آپريشن به ملتوي ڪيا ويا آهن، جيئن آءِذ سي يو ۾ داخل ڪرونا جي مريضن کي آڪسيجن مهيا ڪرڻ ۾ پريشان نه ٿئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *