Friday , April 26 2024

پشاور: آرمي چيف پارا چنار جو دورو، سي ايم ايڇ ۾ داخل ڌماڪي جي زخمين جي عيادت به ڪئي

پشاور: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پارا چنار جو دورو ڪري ڌماڪي جي زخمين سان عيادت ڪندي دهشتگردي جي ناسور کي پاڙون پٽڻ جو عزم ورجايو آهي. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاره چنار پهتو، جنهن دوران سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا. آرمي چيف ڌماڪي واري هنڌ جو دورو ڪيو، جنهن دوران واقعي ۾ هيل تائين جاچ جي حوالي سان کيس تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ايجنسي هيڊ ڪوارٽر اسپتال پهچي ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي، جڏهن ته، هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه زخمين کي بهتر طبي سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪندي دهشتگردي جون پاڙون پٽڻ جو عزم ورجايو. واضح رهي ته گذريل پاره چنار ۾ آپگهاتي ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 25 ڄڻا مارجي ويا ۽ 50 وڌيڪ زخمي ٿيا هئا. ٻي طرف جاچ ادارن پاره چنار ڌماڪي ۾ شڪ جي بنياد تي 7 ڄڻن کي حراست ۾ وٺڻ کانپوءِ واقعي جي مختلف رُخن سان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڌهن ته فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال آهي. ذريعن موجب، گذريل ڏينهن ٿيل پاره چنار ۾ ڌماڪي کانپوءِ سڪيورٽي فورسز مختلف رُخن سان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته سڪيورٽي فورسز ڌماڪي کانپوءِ شڪ جي بنياد تي 7 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي جاچ لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل 87 ڄڻا پشاور جي ليڊي ريڊنگ ۽ سي ايم ايڇ سميت ٻين اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن، جن مان اڪثر زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل نذير بٽ سي ايم ايڇ پشاور جو دورو ڪري ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن جي عيادت ڪئي. شروعاتي جاچ رپورٽ موجب ڌماڪي ۾ استعمال ڪيل 12 ڪلو گرام بارودي مواد فروٽن جي پيٽي ۾ رکيو ويو هو، جنهن ۾ بال بيئرنگ ۽ ڪوڪا به استعمال ڪيا ويا هئا. ذريعن موجب، سڪيورٽي فورسز پاران ڌماڪي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي، جڏهن ته سبزي منڊي جي سڪيورٽي بهتر ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن سبزي منڊي ۾ ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ 25 ڄڻا مارجي ويا ۽ 80 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *