Saturday , April 27 2024

پاڪستان اسٽيل ملز جو بند پيل آڪيسجن  پلانٽ ٻيهر هلائڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) ڪرونا جي خطرناڪ صورتحال خراب ٿيڻ کانپوءِ آڪيسجن پيدا ڪرڻ لاءِ اهم فيصلو ڪري ورتو آهي، پاڪستان اسٽيل ملز جو بند ڪيل آڪسيجن پلانٽ فوري طور تي آپريشنل بڻائي پيداوار شروع ڪئي ويندي، ٽيڪنيڪل ٽيم اڄ پلانٽ جو دورو ڪندي. ملڪ ۾ ڪرونا جي ٽئين خطرناڪ لهر دوران آڪيسجن جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت پاڪستان اسٽيل ملز جو آڪسيجن پلانٽ شروع ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، پاڪستان اسٽيل ملز جو جهجهي مقدار ۾ آڪيسجن پيدا ڪرڻ وارو بند پيل پلانٽ آپريشنل بڻائڻ لاءِ پيداوار ۽ صنعت واري وزارت پاڪ فوج جي انجنيئرنگ ڪور جي نگراني هيٺ پلانٽ جو ٽيڪنيڪل جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا اڄ 26هين اپريل تي ڪنهن به وقت پاڪستان اسٽيل ملز پهچي پلانٽ جو معائنو ڪندي، ڪميٽي پلانٽ جي پنجن سالن کان بند هئڻ سبب ان کي آپريشنل هئڻ يا نه هئڻ بابت رپورٽ جوڙي صنعتن ۽ن  پيداوار واري وفاقي وزارت سميت لاڳاپيل اختيارين کي اماڻيندي،  جنهن بعد فيصلو ڪيو ويندو ته اهو پلانٽ آپريشنل بڻائي سگهجي ٿو يا نه ۽ جيڪڏهن آپريشنل بڻائڻ جي  قابل آهي ته ته ان جي بحالي تي ڪيترو خرچ ايندو ۽ ڪيترن ڏينهن اندر ان کي چالو ڪري پيداوار حاصل ڪري سگهجي ٿي. اسٽيل ملز جو آڪسيجن پلانٽ هلندڙ حالت ۾ 2015 ۾ بند ڪيو ويو هو.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي ذريعن کان اها به ڄاڻ ملي آهي ته ملڪ ۾ آڪسيجن پيدا ڪندڙ نجي ڪمپنيون به موجود آهن، جن مان هڪ ڪمپني اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ويجهي ڪاروباري دوست ۽ وزيراعظم عمران خان جي ويجهن دوستن جون به آهن جيڪي هن وقت به حڪومت جو حصو آهن، ان امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ته ياا ته اُهي ڪمپنيون اسٽيل ملز واري پلانٽ هلائڻ ۾ روڙا اٽڪائينديون يا وري مورڳو ان پلانٽ کي ليز تي حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻنديون. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن ملڪ جي هڪ طاقتور اداري مداخلت ڪري پنهنجي نگراني ۾ اسٽيل ملز جي پلانٽ کي هلائڻ جي دلچسپي ڏيکاري ته پوءِ ان کي ليز تي ڪنهن نجي ڪمپني جي حوالي نه ڪيو ويندو.

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *