Saturday , April 27 2024

پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جو اڳواڻ احسان الله احسان قانو لاڳوڪندڙن وٽان ڀڄي ويو

پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جو اڳواڻ احسان الله فرار ٿي ويو آهي، پريشان ٿيڻ جي ڳالهه ناهي: گهرو وزير اعجاز شاهه

اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) قانون لاڳو ڪندڙن ادارن هٿان گرفتار ڪيل پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان جو اڳواڻ احسان الله احسان ڀڄي ويو آحي آهي، وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه اعتراف ڪيو آهي ته احسان الله احسان فرار ٿي ويو آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ويندي صحافين وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه  کان سوال ڪيو ته “احسان الله احسان جي فرار ٿيڻ بابت خبرون هلي رهيون آهن، ڇا واقعي هُو فرار ٿي ويو آهي؟” ان سوال جي جواب ۾ اعجاز شاهه چيو ته، “ احسان الله احسان جي فرار ٿيڻ واري خبر ته مان ناهي پڙهي، ها باقي احسان االله احسان فرار ٿي ويو هي، جنهن بابت رياست باخبر آهي”، گهرو وزير اعجاز شاهه صحافين کي چيو ته پريشان ٿيڻ جي ڳالهه ناهي اوهان کي جلد هڪ سٺي خبر ملندي.

اسلام آباد(نيوز ڊيسڪ) وفاقي سرڪار پابندي پيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي اڳوڻي ترجمان احسان الله احسان جي فرار ٿيڻ جي پهريون ڀيرو باضابطا طور تصديق ڪري ڇڏي. پارليامينٽ ۾ صحافي جي سوالن جا جواب ڏيندي وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه تصديق ڪئي ته احسان الله احسان فرار ٿي ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته جيڪا خبر اچي رهي آهي، اُها صحيح آهي، اُن حوالي سان گهڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي. اعجاز شاهه چيو ته ان حوالي سان جلد خوشخبري ملندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *