Friday , April 26 2024

ٽرمپ پاڪستان کي امريڪين جو قبرستان بڻائڻ چاهي ٿو کيس ڀليڪار چئون ٿا:سينيٽ چيئرمين رضا رباني

Farhatullah babar & raza rabani

اسلام آباد: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان بابت ڏنل بيان تي ملڪ جي عسڪري ۽ سياسي قيادت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٽرمپ جي بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ چي چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته، جيڪڏهن ڊُنلڊ ٽرمپ چاهي ٿو ته پڇاڪستان امريڪن جو قبرستان بڻجي ته اسين کيس ڀليڪار ڪيون ٿا،جيڪي خاصيتون ويٽنامي ۽ ڪمبوڊيا جي قومن ۾ آهن اُهي سڀ پاڪستاني قوم ۾ به آهن. سينيٽ چيئرمين جي هدايت تي ٽرمپ واري بيان تي سينيٽ جي ڪميٽي به قائم ڪئي وئي آهي.

 سينيٽ آف پاڪستان جو اجلاس چيئرمين ميان رضا رباني جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ آمريڪي صدر ٽرمپ جي بيان تي بحث ڪيو ويو ۽ سينيٽ چيئرمين بيان تي حڪومت کي سفارشون ڏيڻ لاءِ سينيٽر مشاهد حسين سيد جي سربراهي ۾ سينيٽ جي ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، جنهن جي پليٽفارم تان اهو معاملو سينيٽ جي فل ڪميشن ۾ اٿاريو ويندو. ٽرمپ جي بيان تي بحث ڪيو ويو. سينيٽ جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيئرمين رضا رباني وڌيڪ چيو ته، ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته آمريڪي صدر جي بيان بعد پرڏيهي وزير کي منهنجي خيال ۾ آمريڪا جو دورو ملتوي ڪرڻ گهرجي. جنهن تي بچاءَ واري وزير پرڏيهي وزير ڪڏهن وڃي رهيو آهي، جنهن تي وزير دفاع چيو ته هو هم منصب جي دعوت تي وڃي رهيو آهي، ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستاني قوم ۾ ويٽنام ۽ ڪمبوڊيا واريون خاصيتون ۽ روايتون آهن. جيڪڏهن آمريڪي صدر چاهي ٿو ته پاڪستان آمريڪا جي فوج جو قبرستان ٿئي ته اسان آمريڪا کي خوش آمديد چئون ٿا. اپوزيشن ليڊر اعتزاز احسن چيو ته وزير دفاع جي بيان مايوس ڪيو آهي. هن چيو ته اسان جو قوم بڻجڻ ضروري آهي، پوءِ اها قبرستان نه بڻجنداسين. هن چيو ته سفير آرمي چيف سان ڇو ملڻ ويو اهو حڪومت کي ڏسڻو آهي، ان کي پارليامينٽ آڏو اچڻ گهرجي ها. فارين آفيس سفير کي طلب ڪري ها ته سويلين سپرميسي ٿئي ها. هن چيو ته حڪومت سفير کي نوٽيس ڏئي ها.

mushahid-hussainKhuram dastagir

سينيٽ جي اجلاس کي خطاب ڪندي بچاءَ واري وفاقي وزير خرم دستگير سينيٽ ۾ آمريڪي صدر ٽرمپ جي ڏنل بيان تي پاليسي بيان ڏيندي چيو آهي ته مستقل خطرن، وڌندڙ تڪرارن ۽ پاليسين سبب اڪيلو نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڪشمير جو مسئلو حل نه ٿيڻ به علائقي ۾ امن امان ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. هن چيو ته افغانستان جي مسئلي جو ڪو به فوجي حل ناهي، افغانستان ۾ فوجي اليڪشن سان 17 سالن ۾ امن نه ٿيو آهي، نه ئي امن جي اميد آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ صرف افغانين جي پنهنجي سياسي ڳالهين سان ئي دير پا امن ٿي سگهي ٿو.

هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ تيار آهي. ان موقعي تي بحث ۾ حصو وٺندي پ پ جي فرحت الله بابر چيو آهي ته آمريڪي صدر جو بيان خطرناڪ آهي، اسان جي بار بار وضاحتن تي آمريڪا کي اعتبار ڇو نه ٿو اچي. هن چيو ته ٽرمپ جي بيان جي مذمت ڪيان ٿو. ان بيان تي خاموش ويهڻ نه گهرجي. هن چيو ته اسان کي ايران ۽ افغانستان سان اڃا به وڌيڪ لاڳاپا بهتر ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته اسان جي خارجا پاليسي ۾ روس سان به لاڳاپا بهتر ڪيا وڃن. هن چيو ته اسان دنيا ۾ اڪيلا ٿيندا پيا وڃون. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته صدر ٽرمپ کي ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان ڪمزور ملڪ ناهي، ويٽنام ۽ ڪمبوڊيا جيان پاڪستان کي آمريڪا جو قبرستان ٺاهي ڇڏينداسين. پ پ جي تاج حيدر چيو ته اسان گهڻيون غلطيون ڪيون آهن پر سڀ کان وڏي غلطي 70 سال کان آمريڪا سامراج جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو پاڪستان کي آمريڪا سان لاڳاپن جو باب بند ڪرڻ گهرجي. سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو ته ٽرمپ 8 مهينن ۾ ئي ناڪام ٿي ويو آهي. جهڙي طرح بش ۽ اوباما ناڪام ويا هي به اهڙي طرح ناڪام ويندو. هن مسئلي تي گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس گهرايو وڃي، جنهن ۾ پاليسي طئي ڪئي وڃي. هن چيو ته سب ڪاميٽي جيڪا ٺاهي وئي آهي ان جو اڄ ئي اجلاس سڏايو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *