Friday , April 26 2024

وفاق جي من ماني جاري، اين ايف سي جي مد ۾ سنڌ کي حصي کان 76 ارب رپيا گهٽ جاري ڪيا

 NFC 1 sindh map simple

وفاقي حڪومت پاران سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ جاري آهي، جنهن ۾ هر معاملي ۾ ٻه اکيائي رکڻ وارو رويو جيئن جو تيئن جاري آهي. وفاقي سرڪار پاران هلندڙ مالي سال 2016-17 جي پهرين 8 مهينن دوران سنڌ کي 76 ارب رپيا گهٽ جاري ڪري صوبي کي مالي گهوٽالي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي.

وفاق پاران اين ايف سي ايوارڊ جي مد ۾ مالي سال 2016-17 جي سالياني حصي واري رقم مان سنڌ کي منتقل ٿيندڙ مقرر حصي واري رقم مان، ڏوڪڙن مان سال جي 8 مهينن دوران 76.2 ارب رپيا گهٽ منتقل ڪيا ويا آهن.

اين ايف مان حصي جا ڏوڪڙ گهٽ ملڻ تي سنڌ حڪومت پاران وفاقي حڪومت آڏو معاملي کي اٿارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ مالياتي معاملن ۽ سنڌ جي بجيٽ بابت وزيراعليٰ هائوس ۾ سيد مراد علي شاهه جي سربراهي هيٺ رٿابندي بورڊ جي چيئرمين ۽ ناڻي کاتي جي سيڪريٽري سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي کاتي جي سيڪريٽري بريفنگ ڏني ته هلندڙ مالي سال دوران وفاقي حڪومت روينيو منتقلين جي مد ۾ سنڌ کي 493.2 ارب رپيا حصو ڏيڻ جو طئي ڪيو هو، جن مان مالي سال جي 8 مهينن دوران سنڌ کي 328.8 ارب رپيا جاري ٿيڻا هئا پر وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت کي 252 ارب رپيا ڏنا آهن ۽ اهڙي طرح سنڌ کي مقرر حصي جي جاري ٿيل پئسن مان 76.2 ارب رپين جون گهٽ رقمون وفاق کان منتقل ٿيون آهن.

صوبائي سيڪريٽري اهو به ٻڌايو ته وفاقي حڪومت هلندر مالي سال دوران سڌين منتقلين جي مد ۾ 54.7 ارب رپيا سنڌ کي ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي، جنهن مان 8 مهينن دوران سنڌ جو مالي حصو 8.8 ارب رپيا ٿئي ٿو پر وفاقي حڪومت 6.8 ارب رپيا جاري ڪيا آهن ۽ اهڙي طرح ان مد ۾ به 2 ارب رپين جون گهٽ منتقليون ٿيون آهن.

NFC 2

ان تي وڏي وزير ناڻي واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ان معاملي تي وفاقي ناڻي واري سيڪريٽري سان رابطو ڪيو وڃي ۽ باقي رهيل پئسا جاري ڪرايا وڃن ۽ معاملو اعليٰ اختيارين آڏو رکيو وڃي، اجلاس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي مڪاني ادارن کي سندن حصي جا فنڊ جاري ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کڻي رهي آهي، وڏي وزير هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومت وارا ٽيڪس ۽ ٻين روينيو وصولين جا مقرر ڪيل هدف پورا ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ نئين مالي سال جي لاءِ اوڳاڙين جا نوان هدف مقرر ڪرڻ جي تياري شروع ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *