Friday , April 26 2024

وفاقي وزير مولانا  عبدالشڪور روڊ حادثي ۾ فوت

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) جي يو آءِ اڳواڻ ۽ مذهبي معاملن جو وفاقي وزير مولانا عبدالشڪور اسلام آباد ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، سندس مڙهه  اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته مولانا عبدالشڪور ميرٽ هوٽل کان سيڪريٽريٽ چوڪ طرف وڃي رهو هو ته هڪ هاءِ لڪس ريوو گاڏيءَ مولانا عبدالشڪور جي گاڏي کي ٽڪر هيون، جنهن گاڏي وفاقي وزير جي گاڏي کي ٽڪر هنيو ان ۾ پنج ماڻهو سوار هئا. گاڏي جي ٽڪر ۾ مذهبي معاملن جو وفاقي وزير مولانا عبدالشڪور ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جنهن جي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن به تصديق ڪئي.

پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان، وزيراعظم شهباز شريف، اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ ٻين وفاقي وزير مولانا عبدالشڪور جي حادثي ۾ لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

جي يو آءِ ترجمان جو چوڻ آهي ته مولانا عبدالشڪور جو مڙهه سندس اباڻي ڳوٺ نيو ويندو، تاجبي خيل لڪي مروت جنازي نماز ادا ڪئي ويندي، جنهن بعد سندس مڙهه جي تدفين ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *