Friday , April 26 2024

والدين ۽ استادن جي ويڪسينشن جو بهانو، سنڌ ۾ تعليمي ادارا وڌيڪ هڪ هفتو بند

تعليمي ادارن جي بند ڪرڻ جو اعلان، تعليم وارو وزير سيد سردار شاهه رات دير تائين منظر تان غائب رهيو

 

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت تعليمي ادارا 23 آگسٽ تي کولڻ بدران وڌيڪ هڪ هفتو بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، تعليم وارو وزير منظر تان غائب. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ جي تعليمي اداران جي سمورن ملازمن ۽ شاگردن جي والدين کي مڪمل طور ڪرونا کان بچاءَ واري ويڪسين ڪرائڻ جي لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏئي رهيا آهيون، انڪري هاڻي تعليمي ادارا پهرين مقرر ڪيل تاريخ 23آگسٽ تي نه پر 30 هين آگسٽ تي کوليا ويندا. وڏي وزير اها به ڳالهه ڪئي ته صحت کاتي جي تجويز مطابق ڪرونا ڪيسز ۾ اڃا خاطر خواهه گهٽائي ناهي آئي، تعليمي ادارن جي ملازمن کي به مڪمل طور تي ڪرونا ويڪسين ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏيڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن ڪجهه ملازمن ويڪسين ناهي ڪرائي ته اُهي به ويڪسن ڪرائي وٺن. مراد علي شاهه چيو ته هاڻي تعليمي ادارا 30هين آگسٽ تي کلندا.

 چيو آهي ته ڪرونا ڪيسز ۾ اڃا گهٽتائيڍن ناهي آئي، انڪري هاڻي تعليمي ادارا 23 آگسٽ تي نه پر 30 آگسٽ تي کوليا ويندا، سنڌ حڪومت جي اهڙي فيصلي تي سوشل ميڊيا تي سخت مخالفت ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *