Friday , April 26 2024

هاڻي ملير ۾ دمادم مست قلندر ڪنداسين: شاهه محمد شاهه

ملير( رپورٽر   سنڌسماءَچار) مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر ۽ ملير جي تڪ اين اي 238 جي نامزد اميدوار شاهه محمد شاهه چيو آهي ته ملير جي عوام 2013 جي  چونڊن ۾ به نواز شريف جي قيادت تي اعتماد ڪري ن ليگ کي ووٽ ڏنو هو پر مفادپرست ماڻهن عوام جي اعتماد سان دوکي بازي ڪئي ۽ هاڻي ائين ٿيڻ نه ڏينداسين. سيد شاهه محمد شاهه سربراهه شهباز شريف 26 جون تي ملير پهچي باضابطا چونڊ مهم جي شروعات ڪندو. شاهه محمد شاهه ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس   کي خطاب ڪندي  اڳواڻن چيو  ته ملير سميت ڪراچي مان ن ليگ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي. هن چيو ته ن ليگ ڪراچي کي امن ۽ روشني جو شهر بڻايو جيڪا نواز شريف جي محنت هئي. اڳواڻن چيو ته رينجرز مشرف دور ۾ به هئي پر امن قائم نه ٿيو ۽ ڪراچي ۾ 12 مئي جهڙا واقعا پيش آيا. شاهه محمد شاهه چيو ته ملڪ جي پهرين وزيراعظم کي قتل ڪيو ويو، مختلف وقتن تي وزيراعظمن خلاف راند کيڏي وئي، وزيراعظم کي ائين تبديل ڪيو ويو جيئن ڊي سي ڪنهن تپيدار کي تبديل ڪندو آهي. هن چيو ته ملير جي تڪ اين اي 238 تي رائو انوار جي فرنٽ مين کي پي پي پاران ٽڪيٽ ڏني وئي آهي، جيڪو ملير جي بيگناهه نوجوانن کي مارائيندو هو. 2013 جي چونڊن ۾ ملير واسين نواز شريف تي اعتماد ڪندي حڪيم بلوچ کي ايم اين اي چونڊرايو ، حڪيم بلوچ 4 سال وزارتن ۽ اقتدار جا مزا ماڻڻ بعد آخري سال ۾ ن ليگ ڇڏي وري ٻيهر پ پ ۾ شامل ٿيو، هن چيو ته حڪيم بلوچ ن ليگ ۾ اچي شرجيل ميمڻ ۽ مولا بخش چانڊيو جيان ڪروڙين روپيا ڪمائڻ پئي چاهيان جيڪو  ن ليگ ۾ نه ٿي سگهيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *