Saturday , April 27 2024

مواڇ ڳوٺ ۾ دهشتگردن جو حملو، 10 ماڻهو مارجي ويا

 

ڪراچي(چيف رپورٽر    سنڌسماءَچار) ڪراچي جي مواڇ ڳوٺ واري علائقي ۾ دهشتگردن جو مني ٽرڪ تي دستي بمن جي حملي ۾ ٻارن سميت 10 ڄڻ مارجي ويا،7 ڄڻا زخمي، مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته موٽرسائيڪل سوار دهشتگردن شهزور ٽرڪ تي دستي بم سان حملو ڪيو ويو ويو. ڪراچي جي بلديا واري علائقي ۾ حب رور روڊ تي دهشتگردن جي دستي بم حملي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 ماڻهو مارجي ويا آهن، ڌماڪي جي اطلاع ملڻ شرط علائقي واسي، ايڌي رضاڪار ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جن امدادي ڪاررواين ۾ حصو ورتو، جن مارجي ويلن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس حملي ۾ 10 ماڻهن جي مارجڻ ۽ 7 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته، شروعاتي معلومات مطابق موٽرسائيڪل سوار دهشتگردن ٽرڪ تي دستي بم اڇلايو، جنهن بعد باهه لڳي  وئي، جنهن جي نتيجي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيون آهن، پوليس، رينجرز ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن علائقي جو ڪڙو چاڙهي سرچنگ شروع ڪري ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *