Saturday , April 27 2024

لاڪ ڊائون ۽ سخت لاڪ ڊائون، سنڌ حڪومت جي حڪمن تي عمل نه ٿيو

لاڪ ڊائون تي سختي لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايتن تي واڳيل اختياريون عمل ڪرائڻ کان لنوائڻ لڳيون

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪرونا جي روڪٿام لاءِ سنڌ حڪومت پاران سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ ڪري بازارن ۾ ۽ رستن تي ماڻهن جا هُجوم وڌڻ لڳا، جمعي ڏينهن ٽن ڪلاڪن واري مڪمل لاڪ ڊائون تي ڪراچي، حيدر آباد سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ عمل نه ٿيو، پرهجوم جمعي نماز جا اجتماع ڪيا ويا. سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ ڪرونا وائرس پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ لڳايل لاڪ ڊائون تي گذرل هڪ هفتي کان عملدرآماد ٿيڻ گهٽجندو گذريل هڪ هفتي کان عملدرآمد ڏينهون ڏينهن آهستي آهستي گهٽجي رهيو آهي، روڊن رستن تي ٽريفڪ جي رش وڌي رهي آهي ته بازارن ۾ به اجازت مليل دڪانن کانسواءِ به دڪان کليل هجن ٿا. ڪراچي جي صدر، لياقت آباد، لياري، ڪياماڙي، سلطان آباد، بلديا ٽائون، اورنگي ٽائون، ڪٽي پهاڙي، نيو ڪراچي، منظور ڪالوني، ڪشمير ڪالوني، ڪورنگي سميت مختلف علائقن ۾ به لاڪ ڊائون تي عملدرآمد 40 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي.

سنڌحڪومت پاران جمعي جي ڏينهن تي 12 هين وڳي کان 3 وڳي تائين مڪمل لاڪ ڊائون جي ڪيل اعلان ۽ جمعي جي نماز سميت سمورين نمازن جا اجتماع محدود ڪرڻ وارن حڪمن  تي به عمل نه پيو ڪيو وڃي، شهر جي پرانهن علائقن ۾ ته عمل نه ٿو ٿئي پر راڄڌاني شهر ڪراچي ۾ جي مرڪزي علائقن صدر جي الله والي ڪالوني جي مسجد، ميمڻ مسجد، بوهري طاهري مسجد، عائشا منزل، شبير آباد، ڪاٺياواڙ ڪوآپريٽوسوسائٽي، محمد علي سوسائٽي، ملير جعفر طيار سوسائٽي، شير شاهه، سهراب ڳوٺ، الا آصف اسڪوائر، عباس ٽائون، سلطان آباد، هجرت ڪالوني، گلستان جوهر سميت اڪثر علائقن ۾ ماڻهو غير ضروري طور بازارن ۾ به نڪري رهيا آهن، نمازن جا ايس او پيز تحت ادا نه پيون ڪيون وڃن، اهي اجتماع سمورين مسجدن، امام بارگاهن سميت ٻين مذهبي هنڌن تي ڪيا پيا وڃن.، پر پوليس، رينجرز سميت واڳيل اختياريون سختي ڪرڻ کان لنوائي رهيون آهن، وڏي وزير مراد علي شاهه جي حڪمن تي عمل نه پيو ڪرايو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *