Friday , April 26 2024

لال مسجد انتظاميا ۽ حڪومت جو قيمتي زمين تي تڪرار، مولانا عزيز خلاف ڪيس داخل

مولانا عزيز ۽ حڪومت وچ ۾ شروع ٿيل تڪرار اصل ۾ قبضو ڪيل قيمتي زمين حاصل ڪرڻ آهي: ذريعن جي دعويٰ

اسلام آباد ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) اسلام آباد پوليس ۽ لال مسجد جي مهتمم / خطيب مولوي مولانا عبدالعزيز ۽ سندس ساٿين خلاف ڪيس داخل، اسلام آباد پوليس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته لال مسجد ۽ جامعه حفصه جي ماڻهن پاران افغان طالبان جا لڳائڻ ۽ هدايتن باوجود نه جهنڊا نه لاهڻ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، خليج ٽائمز جي رپورٽ مطابق ايف آءِ آر ۾ مولانا عزيز کي مک جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. اسلام آباد پوليس ۽ ضلعي انتظاميا جي آفيسرن پاران افغان طالبان جو پرچم هٽائڻ کان روڪڻ تي پوليس ۽ ضلعي انتظاميا جي آفيسرن جي خلاف مزاحمت ڪرڻ تي داخل ڪيل ڪيس ۾ هيل تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي.

ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ مطابق، لال مسجد جي خطيب / مالڪ مولانا عزيز ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ قيمتي زمين جي مالڪي تان تڪرار به ڪافي عرصي کان هلندڙ آهي، مولانا عزيز ان ضد تي قائم آهي ته لال مسجد جي ڀرسان موجود زمين تي کين اڏاوت ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق جنهن زمين تي مولانا عزيز ڪيترن ئي سالن کان قبضو ڪري ويٺل آهي ۽ هاڻي اڏاوت ڪرڻ به چاهي ٿو، اُها زمين اربين رپين سرڪاري زمين آهي. مليل ڄاڻ مطابق حڪومت سميت لاڳاپيل اختياريون اها زمين وڪرو ڪري ڏيڻ يا ڪنهن به ٻي صورت ۾ مولانا عزيز جي حوالي ڪرڻ نه ٿيون چاهين، ٻئي پاسي مولانا عزيز به اها زمين خالي ڪرڻ نٿو چاهي.

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق حڪومت ۽ مولانا عزيز وچ ۾ هلندڙ تڪرار دوران مولانا عزيز گذريل هفتي هڪ ڀيرو ٻيهر جامع حفصه جي طالب ڇوڪرين کي ڍال طور استعمال ڪري انهن کان احتجاج ڪرايو، جنهن ۾ ظاهري طور تي معاملو افغان طالبان جا جهنڊا لڳائڻ وارو هو پر ان جي پٺيان اصل تڪرار قيمتي زمين تي قبضي جو آهي، ذريعن جي دعويٰ مطابق لال مسجد ۽ جامعه حفصه جا جهنڊا به هٿيار طور استعمال ڪيا.

ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪميٽي پڪاچانگ پاران سنڌ حڪومت جي حڪمن جي ڀڃڪڙي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *