Friday , April 26 2024

علاما خادم رضوي سميت 86 ڄڻن کي ساڍا 4 هزار سال قيد جي سزا، سڀ گرفتار

علاما خادم رضوي سميت 86 ڄڻن کي ساڍا 4 هزار سال سخت پورهئي سان قيد ۽ ڏنڊ جي سزاسندن سموري ملڪيت به ضبط ڪرڻ جو حڪم، سڀ سوگها

راولپنڊي (سنڌ سماءَ چار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه علاما خادم رضوي سميت 86 ڄڻن کي دهشتگردي جا الزام ثابت ٿيڻ تي 4هزار 738 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج شوڪت ڪمال ڊار، ٽي ايل پي سربراهه خادم رضوي سندس ڀائيٽي ۽ تنظيم جي 84 ڪارڪنن خلاف  هلندڙ دهشتگردي ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فيصلو ٻڌايو. جنهن بعد پوليس سمورن جوابدارن کي گرفتارڪري گاڏين ۾ وجهي کين جيل منتقل ڪري ڇڏيو. عدالت جوابدارن مٿان هڪ ڪروڙ 30 لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ ۽ انهن جي منقولا و غير منقولا جائيداد ضبط ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي.

پنڊي گهيب پوليس 24 نومبر 2018 تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه علامه خادم رضوي جي گرفتار بعد هنگامن، ڀڃ ڊاهه، پوليس اهلڪارن کي زخمي ڪرڻ، سرڪاري و نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ دهشتگردي سوڌو مختلف الزامن جي تحت خادم رضوي جي ڀاءُ امير حسن ۽ ان جي پٽ محمد علي سوڌو 87 ماڻهن کي گرفتار ڪيو هو. جنهن کانپوءِ جوابدارن جي ضمانت ٿي ته هڪ جوابدار اعزاز الحق پرڏيهيه فرار ٿي ويوهو، جنهن تي عدالت مفرور جوابدار جي ضمانتي کانه هڪ لک رپيا جرماڻو وصول ڪري جوابدار کي اشتهاري قرار ڏنو هو، عدالت 13 مهينا ٻڌڻي هيٺ رهندڙ ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مختلف الزامن ۾ ملوث هر ڏوهاري کي مجموعي طور تي 55،55 سال قيد سخت ۽ 2 لک 35 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. عدالت امير حسين رضوي، ان جي پٽ محمد علي ۽ ٻين 2 جوابدارن قاري مشتاق ۽ گلزار احمد وٽان هٿيار برآمد ٿيڻ تي ڏوهه ۾ الڳ 2،2 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *