Friday , April 26 2024

صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ ڪرونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي(رپورٽ آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) ملير مان چونڊيل پيپلزپارٽي جو ايم پي اي ۽ صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ ڪرونا وگهي حياتي وڃائي ويٺو، مرتضيٰ بلوچ کي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرونا جي تصديق ٿئي هئي، جنهن بعد کيس ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي ڪڪجهه ڏينهن تائين کيس وينٽيليٽر تي رکيو ويو هو، جنهن بعد سندس طبيعت ۾ سڌارو اچڻ تي وينٽيليٽر هٽايو ويو هو، اڄ اوچتو طبيعت خرانب ٿي وئي، جنهن بعد کيس اسپتال جي انتهائي نگهداشست واري يونٽ ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو.مرتضيٰ ب،وچ جي وارثن ۽ صحت کاتي جو چوڻ آهي ته مرتضيٰ بلوچ کي ايس او پيز تحت مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. مرتضيٰ بلوچ جي لاڏاڻي تي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد عجلي شاهه، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو سميت پيپلزپارٽي جي اڳواڻن مرتضيٰ بلوچ جي لاڏاڻي تي ڌک جو اظهار ڪندي سندس پوئنرن سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

ڊي سي ويسٽ ڪراچي سرڪاري زمينون ڦٻائيندڙن خلاف اينٽي ڪرپشن کي خط لکي ڇڏيو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *