Saturday , April 27 2024

سپر هاءِ وي تي حادثو،4 ڄڻا فوت، 9 ڄڻا زخمي

سپر هاءِ وي تي ڪراچي کان سکر ويندڙ مسافر ويگن ۽ ٽرتالر ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا فوت، 9 مسافر زخمي

ڄامشورو (رپورٽر    سنڌسماءَچار) سپر هاءِ وي تي نوري آباد ويجهو مسافر ويگن ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، موٽروي پوليس جو چوڻ آهي ته ويگن ڪراچي کان سکر وڃي رهي هئي ته تيز رفتاري جي نتيجي ۾ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي. نوري آباد ڀرسان ٿيل حادثي جي نتيجي ۾ ويگن ۾ سوار سلمان، مصطفيٰ، علي بخش ۽ ويگن جو ڊرائيور هيبت خان ٿڏي تي فوت ٿي وپيا، حادثي ۾ عرفان، نويد، وقار، طالب حسين، اعجاز، محمد باقر، عنايت الله، افضل بيگ، اڪرم بيگ سميت 9 مسافر زخمي ٿي پيا، ريسڪيو ٽيمن ۽پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي ڄامشوري اسپتال منتقل ڪيو، جن مان ڪجهه جي حالت خراب هجڻ ڪري حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *