Friday , April 26 2024

سپريم ڪورٽ عائشا باواني ڪاليج ٽرسٽ حوالي ڪري ڇڏيو،عمل نه ٿيو ته ذميوار جيل به وڃي سگهن ٿا: جسٽس عظمت سعيد

اسلام آباد ( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ قائم عائشا باواني ڪاليج ٽرسٽ جي حوالي ڪندي ان تي عمل کي يقيني بڻائڻ جو حڪوم ڏئي ڇڏيو آحي. جسٽس عظمت سعيد چيو آهي ته عدالتي حڪم تٿي عمل نه ٿيو ته، توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ فيصلي تي عمل نه ڪندڙ جيل به وڃي سگهن ٿا. سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ڪاليج ۾ هن وقت موجود بيچزجي مڪمل ٿيڻ بعد ٽرسٽ جي حوالي ڪيو وڃي. عدلاتي حڪم مطابق ڪاليج ۾ هن وقت فرسٽ ايئر ۾ پڙهندڙ بيچ جيئن ئي سال 2019 ۾ پاس آئوٽ ڪري ته فوري طور تي عمارت ٽرسٽ جي حوالي ڪئي وڃي. سپريم ڪورٽ جي اهڙي فيصلي بعد جيستائين ڪاليج جي نئين عمارت ملڻ وارو معاملو حل نه ٿيندو ايستائين نيون داخلائون نه ڪيون وينديون. اهڙي فيصلي بعد عدالت سنڌ سرڪار ۽ عائشه باواني ٽرسٽ وچ ۾ هلندڙ تڪرار نبيري ڇڏيو، جسٽس عظمت سعيد چيو آهي ته عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ جا سنگين نتيجا نڪرندا، فيصلي جي ڀڃڪڙي ٿي ته توهين عدالت جو ڪيس هلندو ۽ پهرين ماڻهو جيل ويندو پوءِ ڪيس هلندو.

جسٽس عظمت سعيد جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ عائشه باواني ڪاليج واري معاملي تي سنڌ سرڪار ۽ ٽرسٽ وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو نبيرو ڪري ڇڏيو آهي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته عائشه باواني ڪاليج 2019 تائين ٽرسٽ حوالي ڪيو وڃي ۽ ڪاليج ۾ وڌيڪ داخلائون نه ڪيون وڃن. سنڌ حڪومت عدالت ۾ عائشه باواني ٽرسٽ کي مسواڙ جي مد ۾ رهيل پيسا به ادا ڪيا. ٻڌڻي دوران چيو آهي ته عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ جا سنگين نتيجا نڪرندا، فيصلي جي ڀڃڪڙي ٿي ته توهين عدالت جو ڪيس هلندو ۽ پهرين ماڻهو جيل ويندو پوءِ ڪيس هلندو.

ان سلسلي ۾ عائشا باواني ڪاليج جي معاملي بابت سنڌ سماءَ چار کي مليل معاملي بابت مليل ڄاڻ مطابق ، عائشا باواني ڪاليج جي ملڪيتي مالڪي واري معاملي کي پهرئين ڏينهن کان سنڌ حڪومت خاص طور تي تعليم کاتي انتهائي لاپرواهي ڪئي، ڪيس کي قانوني طريقي سان وڙهڻ لاءِ پراپر فورمز يعني سول ڪورٽ، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۽ سيشن ڪورٽ ۾ ڪيس/ درخواستون داخل ئي نه ڪيون ويون. مناسبت ۽ لاڳاپيل فورم تي ڪيس نه وڙهڻ سبب ڪاليج سنڌ حڪومت جي هٿن مان نڪري ويو ۽ قانوني جنگ کٽي نه سگهي. عائشا باواني ڪاليج وانگر ڪراچي ۾ پراڻا ڪاليج سينٽ پيٽرڪس، علاما اقبال ڪاليج اسٽار گيٽ به ائين ئي سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي جي ڪامورا شاهي جي انتهائي لاپرواهين جي نتيجي ۾ سنڌ حڪومت جي هٿن مان نڪري ويا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *