Friday , April 26 2024

سپريم ڪورٽ بند ڪاروبار کولڻ جو حڪم، بازارن ۾ رش، ڪرونا جي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ

شاپنگ مالز کولڻ جي حڪم بعد ماڻهو بازارن ۾ پهچي ويا، ايس او پيز تي ٺپ عمل نه ٿيو

اسلام آباد / ڪراچي ( رپورٽرز   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ ملڪ اندر ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ لاڪ ڊائون سبب بند پيل شاپنگ مالز ۽ ننڍيون وڏين مارڪيٽس کولڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ ڪاروبار کُلي ويو، ڪراچي جي مارڪٽين ۾ ماڻهن جي  پيهه وڌي وئي، واپارين ڪرونا کان بچاءَ لاءِ ايس او پيز هوا ۾ اڏاري ڇڏيون، عوام به بي احتياطي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ڪرونا جي صورتحال، ان کان بچاءَ لاءِ حڪومتي قدمن جي جائزي بابت پاڻمرادي نوٽيس واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، چيف جسٽس، جسٽس گلزا احمد حڪومت پاران ڇنڇر ۽ آچر تي ڪاروب ار بند رکڻ وارو حڪم ڪالعدم قرار ڏيڻ سان گڏ سڄي ملڪ ۾ شاپنبگ مالز، ننڍا وڏا مارڪيٽ ۽ دڪان کولڻ جي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس جي اهڙي حڪم جون خبرون ميڊيا تي هلڻ جي فوري بعد سڄي ملڪ ۾ شاپنگ مالز، ننڍيون وڏيون بازارون ۽ رهائشي علائقن جا ننڍا وڏا دڪان کُلي ويا. بازارون ۽ شاپنگ مالز کُلڻ کانپوءِ ماڻهو خريدار لاءِ نڪري پيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بازارن ۾ ماڻهن جي پيهه وڌي وئي. اڪثر مارڪيٽن ۾ ڪرونا کان بچاءَ لاءِ لاڳو ڪيل ايس او پيز تي به عمل نه ٿيو، واپارين، دڪاندارن به ايس او پيز کي هوا ۾ اڏاري صرف سامان وڪرو ڪرڻ ۾ لڳل رهيا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *