Friday , April 26 2024

سنڌ ۾ ڪرپشن، 100 ڪامورا ۽ عملدار گرفتار ٿيندا

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ جي چيف سيڪريٽري اينٽي ڪرپشن ڪاميٽي ون جي اجلاس دوران ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل 100 کان وڌيڪ ڪامورن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو، لائيو اسٽاڪ، روينيو، مڪاني ادارن، ڪچي آبادي ۽ آبپاشي کاتي جي ڪامورن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اينٽي ڪرپشن جو چيئرمين مختيار سومرو، مختلف کاتن جا سيڪريٽريز ۽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن فياض عباسي سميت ٻيا عملدار شريڪ ٿيا. اجلاس دوران تعلقي سجاول جي اڳوڻي مختيارڪار غلام حيدر سميجو خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.  اجلاس ۾ اسڪول ايجوڪيشن جي 9 ڪامورن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جي منظوري  سميت  ڪچي آبادي جي ٽن ڪامورن جي خلاف به ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. چيف سيڪرٽري سنڌ ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل سنڌ مڪاني کاتي جي 65 ڪامورن جي خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *