Friday , April 26 2024

سنڌ واسي ۽ گٽرن جو گند مليل پيئڻ جو پاڻي، پ پ ۽ اسپيڪر آغا سراج دراني جو ووٽن ۽ وٽرن کي ……. ڪرڻ…!!

ڪراچي (اصغر آزاد –سنڌسماءَچار نيوز) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دران پنهنجي تڪ جي ووٽرن ۽ سندن ووٽن خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ واري هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل / عام ٿي وئي آهي.

سنڌسماءَچار پاران حاصل ڪيل معلومات مطابق، آغا سراج دراني پنهنجي تڪ پي ايس 9- شڪارپور هڪ جي هڪ ووٽر جيڪو کيس ڪا شڪايت ڪندي ياد ڏياري رهيو هو ته هُو به سندس ووٽر آهن؛ جنهن تي سراج دراني ڪاوڙجي پيو. منظر تي آيل ان وڊيو ۾ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني واضع طور گٿا ۽ انتهائي ڪريل لفظ استعام ڪندي ٻڌي سگهجي ٿو. آغا سراج دراني جيڪو سنڌ اسيمبلي جي ايوان جو ڪسٽوڊين/محافظ آهي، اهو چوي ٿو ته، ” ووٽن جي ڳالهه نه ڪر مون سان مان ووٽن کي…….به نه، برادري جي ڳالهه ڪر، اسان ووٽن تي …………ڪندا آهيون“. ان دوران جيڪو ووٽر شڪايت ڪرڻ چاهي پيو اهو سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آڏو هٿ ٻڌي ڪجهه چوڻ چاي پيو پر، آغا سراج دراني جي دڙڪيدار آواز کيس هيسائي ڇڏيو، يا ته وري سڄي وڊيو شيئر ناهي ٿي سگهي.

پ پ سنڌ واسين کي گٽرن جو جو گند مليل پاڻي پيارڻ بعد، آغا سراج دراني جا ووٽ ۽ ووٽرن کي گٿا لفظ..!!

سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گندي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ بابت سپريم ڪورٽ پاران، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج، جسٽس اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ قائم ڪيل ڪميشن ۾ ثابت ٿيو آهي ته، سنڌ واسي انساني فضلو مليل پاڻي واپرائي رهيا آهن. ڪميشن جي سربراهه اهو پڻ چيو هو ته، ” تعجب آهي گندو پاڻي پيئڻ باوجود ماڻهو زندهه ڪيئن آهن“.

واٽر ڪميشن ۾ پيئڻ جي پاڻي ۾ انساني فضلو/گٽرن جو گن مليل هجڻ واري تصديق ڪنهن ٻئي نه يا ڪنهن شخص جي جي دعويٰ نه پر، سنڌ سرڪار جي پنهنجي رپورٽن ۾ تصديق ڪيل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *