Friday , April 26 2024

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا متاثرن ۽ فوتگين ۾ تيزي سان واڌ اچڻ لڳي

سنڌ ۾ 427 نوان مريض ظاهر ، انگ 7 هزار 102 ٿي ويو، سنڌ ۾ وڌيڪ 4 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 122 ٿي ويو

ڪراچي (چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا وائرس تيزي سان وڌي رهيو آهي، متاثر مريضن جي انگ ۾ واڌ سان گڏ فوتين جي انگ ۾ اضافو ٿيڻ لڳو آهي ته ٻئي پاسي حڪومت پاران لاڪ ڊائون کي به نرم ڪري مرحليوار مختلف صنعتون به کوليون پيون وڃن. سنڌ ۾ سرڪاري انگن اکرن مطابق اڄوڪي ڏينهن دوران ڪرونا وائرس جي متاثرن جو انگ 427 ٿي ويو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ ڪرونا وائرس جا انگ اکر پيش ڪيا ويا آهن، وڏي وزير موجب سنڌ ۾ ڪرونا وائرس ۾ مبتلا وڌيڪ 4 مريض فوت ٿيڻ بعد فوتين جو مجموعي انگ 122 ٿي ويو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ علاج ۽ قرنطينا ۾ رکڻ سان ڪرونا متاثر مريضن مان چاق چڱاڀلاٿي ويلن جو انگ وڌي 1341 ٿي ويو آهي، 4 هزار 390 مريض پنهنجن گهرن اندر قرنطينا ۾ رکيا ويا آهن، 733 مريض آئسوليشن سينٽرز ۽ 516 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن اهڙي طرح مجموعي طور 5 هزار 639 مريضن جو علاج هلندڙ آهي. وڏي وزير ڪرونا جي 24 ڪلاڪن جي رپورٽ وڊيو بيان ذريعي پيش ڪندي ٻڌايو آهي ته ڪراچي مان وڌيڪ 376 ڪيس سامهون آيا آهن. وڏي وزير چيو ته گهوٽڪي مان وڌيڪ چار، حيدرآباد مان 6، خيرپور مان 4، لاڙڪاڻي مان 6 ڪيس، شهيد بينظّير آباد مان 6، سانگهڙ مان 2، سکر مان 5، ٺٽي ۽ سجاول مان هڪ هڪ ڪيس سامهون آيا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته آئون هڪ ڀيرو ٻيهر عوام کي اپيل ٿو ڪيان ته پنهنجي صحت جو خيال رکي سماجي وٿي برقرار رکي.

ٻئي پاسي وفاقي حڪومت جي نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر پاران ڪرونا جي صورتحال بابت جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سڄي ملڪ ۾ وائرس وگهي فوتين جو انگ 421 ٿي ويو آهي، سڄي ملڪ ۾ متاثرن جو تعداد 18 هزار 662 ٿي ويو آهي، جن ۾ سنڌ اندر 7102، پنجاب 6854، خيبرپختونخوا ۾ وائرس جا 2799، بلوچستان ۾ 1136، گلگت بلتستان ۾ 340، آزاد ڪشمير ۾ 66 ۽ اسلام آباد ۾ 365 ڄڻا ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن، جن مان ڪيترن ئي مريضن جو واسطو هڪ ڪٽنب سان به آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *