Friday , April 26 2024

سنڌ حڪومت ٻيٽن بابت لک پڙهه ٽن مهينن کان لڪائيندي رهي

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت سامونڊي ٻيٽن بابت وفاقي حڪومت سان ڪيل لکپڙهه ٽن مهينن کان لڪائيندي رهي، چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاهه، لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي جو سيڪريٽري اعجاز بلوچ ۽ سنڌ ڪابينا جا ميمبر باخبر هئڻ باوجود سمورا معاملا ڳجهه ڳوهه ۾ طئي ڪندا رهيا. سنڌ جي ٻيٽن واري معاملي تي تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت ٽن مهينن کان معاملا لڪائينديون رهيون. وفاقي حڪومت  جي ڪيبينيٽ ڊويزن پاران سنڌ جي لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي جي سيڪريٽري کي 2 جولاءِ 2020 تي لکيل هڪ خط، D.O/1/2019-RA-II/NPH&DA ٻيٽن جي زمين جي مالڪي تبديل ڪرڻ بابت چيو، وفاقي حڪومت جي اهڙي خط کانپوءِ ، لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي جي سيڪريٽري اعجاز بلوچ، جوابي خط ڪيبينيٽ ڊويز کي روانو ڪيو، جنهن جون ڪاپيون، چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه، سيڪريٽري سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري به شامل آهن. لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي جي سيڪريٽري اعجاز بلوچ پاران موڪليل خط ۾ چيو ويو آيه ته صوبائي ڪابينا ڪيبينيٽ ڊويز پاران D.O/1/2019-RA-II/NPH&DA خط تحت ڄاڻايل آئيلينڊ وفاقي حڪومت لاءِ قانون مطابق موجود آهن. سيڪريٽري اعجاز بلوچ پاران موڪليل خط/اين او سي ۾ ڪيبينيٽ ڊويزن پاران ڪيل گهر کي لڪائيندي صرف مٿي ڄاڻايل خط جو ذڪر ڪندي سنڌ حڪومت جوابي خط اماڻيو.

سنڌ  حڪومت  جي خط ۾ سنڌ ڪابينا جو جيڪو ذڪر ڪيو ويو آهي، ان مطابق وفاقي حڪومت جو خط 2 جولا ءِ تي سنڌ حڪومت کي وصول ٿيو ۽ سنڌ حڪومت جي لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي 6هين جولاءِ تي خط واپس ڪيبينيٽ ڊويزن کي روانو ڪيو ويو، خط ۾ ڪٿي به اهو ناهي ڄاڻايو ويو ته 3کان5 يا 6 جولاءِ دوران سنڌ ڪابينا جو اجلاس ڪهڙي تاريخ تي ٿيو، ڪئلينڊر مطابق 2 جولاءِ خميس، 3 جولاءِ جمعو، 4 جولاءِ ڇنڇر، 5 جولاءِ آچر ۽ 6 جولاءِ سومر جو ڏينهن ٿئي ٿو. انهن ڏينهن دوران سنڌ ڪابينا جي ڪنهن اجلاس جي ڪا به خبر چار ناهي ته ٿيو يا نه، سنڌ ڪابينا جي اجلاسن بابت هڪ ڏينهن اڳ سرڪيولر/نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو، نه ئي اجلاس کانپوءِ ان بابت ڪا ميڊيا بريفنگ يا وري پڌرائي جاري ٿي، جنهن مان به ائين لڳي رهيو آهي ته اهو سڀ ڪجهه مڪمل طور ڳجهه ڳوهه ۾ ڪيو ويو، جنهن بابت سنڌم  جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، چيف سيڪريٽري سن ڌ سيد ممتاز علي شاهه ۽ سيڪريٽري ايل يو مڪمل طور تي باخبر هئا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *